وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: آمريڪي اخبار

اسلام آباد / نيويارڪ (م ڊ) هڪ آمريڪي اخبار پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران امن جي قيام لاءِ پرزور ٽيليفونڪ سفارتڪاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب پاڪستاني قيادت خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ عالمي اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جن ۾ تهران، رياض، ابوظبي، قاهرا، استنبول ۽ برسلز جا اهم اڳواڻ شامل آهن. اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني اڳواڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزيشڪيان ٻنهي سان ويجها لاڳاپا رکن ٿا، جنهن ڪري پاڪستان هڪ اثرائتي ثالث طور سامهون آيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير مسلسل سفارتي رابطن ذريعي خطي جو امن بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. ٻئي طرف جرمن پرڏيهي وزير جوهان ويڊي فول پڻ ان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته   آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ بالواسطه رابطا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي سڌي ريت ملاقات جون تياريون ڪيون ويون آهن. هن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي نمائندن جي اها اهم ملاقات پاڪستان جي سرزمين تي ٿي سگهي ٿي. سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جون اهي ڪوششون ڪامياب ٿيون ته اها عالمي سطح تي هڪ وڏي سفارتي سوڀ هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.