پاڪستان خطي جي صورتحال کان ڌار نٿو رهي سگهي: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان خطي جي موجوده صورتحال کان پاڻ کي ڌار نٿو رکي سگهي ۽ اها وقت جي ضرورت آهي ته پاڪستان امن جي قيام لاءِ ٽياڪڙن وارو ڪردار ادا  ڪري. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن انڪشاف ڪيو ته هن وقت ٽي اهم مسلم ملڪ گڏجي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته موجوده جنگ کي روڪيو وڃي ته جيئن خطي ۾ وڌيڪ تباهي ۽ برباديءَ جو سلسلو ختم ٿي سگهي. خواجا آصف موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي جيڪو عالمي مقام حاصل آهي، اهو امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان جو عالمي برادري ۽ مسلم ملڪن ۾ وقار وڌيو آهي ۽ ملڪ بهترين سفارتڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽياڪڙي لاءِ هڪ هموار ماحول فراهم ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جي راءِ شامل هوندي، ڇاڪاڻ ته سڄي مسلمان دنيا جو اھوئي مطالبو آهي ته خطي ۾ امن هجي. هن واضح ڪيو ته افغانستان ۽ ڀارت سان سرحدي ڇڪتاڻ جي باوجود پاڪستان پنهنجو نظام مضبوطي سان هلائي رهيو آهي ۽ دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان هڪ وڏي تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون هي خدمتون تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ياد رکيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.