ٽرمپ انتظاميا کي جنگي صورتحال جو تجربو ناهي:ڊاڪٽر احمد فاروقي

اسلام آباد(علي مصطفيٰ)عالمي توانائي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر احمد فاروقي چيو آهي ته صورتحال انتهائي ڳڀير آهي. آمريڪا ۽ ايران جي دعوائن ۾ تضاد آهي، هڪ طرف آمريڪا دعويٰ ڪري ٿو ته تحفو مليو  آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جڏهن ته ايران ان کي رد ڪري ٿو. پاڪستان هن دوران اهم ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.ڪينيڊين پروفيسر جي آرٽيڪل موجب، پاڪستان جي فوج ايران سان مقابلي لاءِ تيار آهي ۽ بلوچستان مان ضرورت پوڻ تي فورسز موڪليون وينديون، پر اهي معلومات شايد افواهن تي ٻڌل هونديون.ساڳئي وقت، آمريڪا جا هزارين ميرينز وچ اوڀر ۾ پهچي رهيا آهن، جنهن سان ايران کي ڊيڄارڻ جو اشارو ملي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروقي جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي فوجي حڪمت عملي ۾ تضاد ۽ تجربي جي گهٽتائي نظر اچي رهي آهي،هن چيو ته  گذريل ڪجهه هفتن دوران، ايران جا مظاهرا ۽ عوامي جذبا آمريڪا جي حڪمت عملي جي توقع کان وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيا آهن. ڊرونز ۽ ٻين وسيلن سان ايران پنهنجي طاقت ڏيکاري آهي، جڏهن ته آمريڪا جي قيادت ۾ غير تجربو ۽ غير مستحڪم فيصلن جو اثر ظاهر ٿيو آهي،هن چيو ته آمريڪي صدر جي انتظاميه ۽ فوجي قيادت وٽ جنگ کي صحيح نموني هلائڻ جي تربيت ڪافي نه آهي، جنهن سبب اڳڪٿي ڪيل منصوبن ۾ ناڪامي ظاهر ٿي آهي. مثال طور، افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪا جي تجربي کان پوءِ نتيجا واضح آهن: وڏيون تباهيون، وڏي خرچ ۽ آخرڪار طالبان جو اقتدار ٻيهر بحال.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.