ڪراچي(رپورٽر ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ “منهنجو سلطان ” جهڙي حڪمراني قائم آهي، جتي قانون بدران من ماني هلي رهي آهي ۽ عوام جا حق لتاڙيا پيا وڃن۔ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ زمينن جي ورڇ ذريعي چار ڪروڙ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي۔ هن موجب شهر جي ماسٽر پلان جي کليل ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته 2007 ۾ تيار ڪيل ماسٽر پلان کي 2018 ۾ منظوري ملڻ باوجود اڄ تائين ان تي عملدرآمد ناهي ٿيو۔ هن الزام هنيو ته ترقياتي منصوبن جي نالي تي قيمتي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن۔ سندس چوڻ هو ته ايجوڪيشن سٽي جي 7 هزار ايڪڙ ۽ ايئرپورٽ ڀرسان 15 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ٿي چڪو آهي،جڏهن ته ميڊيا سٽي، آءِ ٽي سٽي ۽ آٽو موبائل سٽي لاءِ رکيل زمينون به محفوظ نه رهيون آهن۔ سنڌ ۾ گورنر جي تبديلي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته سندن جماعت کان گورنري کسجي وئي آهي، پر هو ان کي “سود سميت واپس وٺندا”۔ هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته مخالفن خلاف جلد احتسابي ڪارروائيون به سامهون اينديون۔ هن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي تي به تنقيد ڪندي چيو ته ٻنهي پارٽين سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي صوبي خلاف قرارداد جي حمايت ڪري شهر واسين سان زيادتي ڪئي آهي۔ آخر ۾ هن شهر ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن ۽ ڀتي خوري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڊمپر ۽ ڪنٽينر معصوم ماڻهن جي حياتيون ڳڙڪائي رهيا آهن۔ هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان صوبا قائم ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي سندن حق ملي سگهن۔