ماسڪو(عوامي آواز نيوز)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته وچ اوڀر ٰ جي تڪرار جا نتيجا صحيح نموني اڳڪٿي ڪرڻ انتهائي مشڪل آهن، جڏهن ته ايران سان لاڳاپيل جنگ جا اثر COVID-19 جهڙا سنگين ٿي سگهن ٿا۔خميس ڏينهن ماسڪو ۾ ڪاروباري اڳواڻن سان ڳالهائيندي پيوٽن چيو ته جيڪي ڌريون هن تڪرار ۾ شامل آهن، اهي پاڻ به ان جا مڪمل نتيجا نٿيون ٻڌائي سگهن۔هن خبردار ڪيو ته ايران سان ممڪن جنگ جا نتيجا ڪورونا وبا وانگر خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، جنهن سڄي دنيا جي علائقن ۽ براعظمن جي ترقي کي سست ڪري ڇڏيو هو۔ هن چيو ته موجوده تڪرار سبب عالمي لاجسٽڪس، پيداوار ۽ سپلاءِ چين تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي۔ روسي صدر وڌيڪ چيو ته هن صورتحال سبب هائيڊروڪاربان، ڌاتن ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
، ۽ Russia کي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ۽ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي۔