ڪيف(عوامي آواز نيوز)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجن فوجي اڏن جي حفاظت لاءِ يوڪرين کان مدد گهري آهي۔سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ زيلينسڪي چيو ته وچ اوڀر ۾ ايران جي ڊرون حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ يوڪريني ٽيمون اڳ ئي موجود آهن۔هن چيو ته يوڪريني ٽيمون سعودي عرب ۽قطر سميت ٻين ملڪن ۾ موجود آهن، جتي اهي ايران جي ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن۔زيلينسڪي وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا پڻ يوڪرين سان رابطي ۾ آهي ته جيئن خطي ۾ پنهنجن فوجي اڏن کي محفوظ بڻائي سگهجي۔فرانسيسي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته رڳو فضائي دفاعي نظام ڪافي ناهي، پر ايران جي ڳرن ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ جديد انٽرسيپٽرز جي ضرورت آهي۔سندس چوڻ هو ته ڪجهه اهڙو فوجي سامان آهي جيڪو يوڪرين وٽ موجود آهي ۽ ان جي فراهمي بابت ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته وچ اوڀر ٰ جي ملڪن وٽ به اهڙا ميزائل آهن جيڪي يوڪرين وٽ ناهن، ۽ هو چاهي ٿو ته گڏيل سهڪار سان دفاعي صلاحيت وڌائي وڃي۔زيلينسڪي وڌيڪ چيو ته فنڊنگ سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ڇو ته يوڪرين جو دفاعي شعبو هن وقت اڌ صلاحيت تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڊرون ٺاهڻ لاءِ مالي وسيلن جي سخت ضرورت آهي۔