ايراني ڪمانڊر جي شهادت آمريڪا- اسرائيل سهڪار جو نتيجو آهي:نيتن ياهو

يروشلم (م ڊ) اسرائيلي فوج ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي بحري فوج جي سربراهه علي رضا تنگسيري کي فضائي حملي ۾  شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب اسرائيلي وزير دفاع اسرائيل ڪاٽز ٻڌايو ته علي رضا تنگسيري آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ ۽ واپاري جهازن کي روڪڻ ۾ سڌي ريت ملوث هو، جنهن کي رات دير سان ڪيل ڪارروائي ۾ نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته هيءَ ڪارروائي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل جنگي هدفن جي حاصلات لاءِ ڪئي وئي آهي ۽ علي رضا تنگسيري جي شهادت ٻنهي ملڪن جي ويجهي تعاون جو نتيجو آهي. هن آمريڪي صدر جي جنگ بندي واري ڪوششن جي باوجود ايران جي مختلف هدفن کي وڌيڪ نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي. ياد رهي ته اڃا تائين ايران پاران پنهنجي بحري سربراهه جي شهادت بابت باضابطه تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.