تهران (م ڊ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز مار ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاران ايراني ڪارروائي جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ آمريڪي ويڙهاڪ جهازن کي نشانو بڻائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ۾ هڪ ايف 35 جهاز پڻ نشانو بڻايو ويو هو، جڏهن ته آمريڪي ميڊيا هينئر تائين 16 جهازن کي نقصان پهچڻ جي تصديق ڪري چڪي آهي. ٻئي طرف ايران آبي لنگهه باب المندب ۾ نئون محاذ کولڻ جو چتاءُ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني فوجي ذريعن موجب جيڪڏهن ايران جي علائقن تي حملا جاري رهيا ته يمن جي ويجهو بحيره احمر کي خليج عدن سان ملائيندڙ اهم لنگهه باب المندب کي بند ڪيو ويندو، جنهن سان عالمي تجارتي لنگهه مڪمل طور تي متاثر ٿي سگهي ٿو.