ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم وفد ملاقات ڪئي. ذريعن موجب خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملندڙ وفد مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ 28 هين آئيني ترميم لاهڻ ۽ ان ۾ آرٽيڪل 140-اي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ملاقات دوران ڊاڪٽر فاروق ستار ڪامران ٽيسوري کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ تي شڪايت ڪندي چيو ته کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته اها تبديلي هڪ سياسي فيصلو هو. وزيراعظم ڪراچي پيڪيج تي ڪم تيز ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي وفاقي وزيرن کي جلد ڪراچي جي دوري جي هدايت ڪئي آهي. ان کانسواءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي رابطا ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ وچ ۾ سياسي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. وزيراعظم سنڌ جي گورنر نهال هاشمي کي به هدايت ڪئي آهي ته هو ايم ڪيو ايم سان مسلسل رابطي ۾ رهي.