لنڊن/اسلام آباد (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي ڳالهين ۾ وڌندڙ بي يقيني سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ ٿي وئي. عالمي خابرو اداري موجب برنٽ نارٿ سي ڪروڊ جي قيمت 5.2 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 107.54 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت به 4.9 سيڪڙو وڌي 94.71 ڊالر ٿي وئي آهي. هيءَ صورتحال تڏهن پيدا ٿي آهي جڏهن ايران آمريڪا جي 15 نڪاتي امن تجويزن کي نامناسب قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ بدلي ۾ جنگ بندي لاءِ پنهنجا 5 شرط رکي ڇڏيا. ٻئي طرف، پاڪستان جي ٽياڪڙي واري آڇ تي اسلام آباد ۾ اهم ڳالهين جو امڪان آهي.