ايران آمريڪي تجويزن تي جواب موڪلي ڇڏيو:آمريڪا جي لهجي ۾ تبديلي شڪست جو اعتراف آهي: ايران

يروشلم/تهران (عوامي آواز نيوز) ايران آمريڪا پاران پاڪستان جي ذريعي موڪليل 15 نڪاتي امن تجويزن جو باضابطه جواب ثالثن کي  پهچائي ڇڏيو آهي. ايراني خابرو اداري موجب گذريل رات دير سان موڪليل هن جواب کانپوءِ هاڻي تهران کي آمريڪي ردعمل جو انتظار آهي. برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هڪ اعليٰ ايراني عهديدار چيو آهي ته آمريڪي تجويزون رڳو اسرائيل ۽ آمريڪا جي مفاد ۾ آهن ۽ اهي غير منصفاڻيون آهن. ايران پاڪستان کي آگاهه ڪيو آهي ته انهن تجويزن ۾ ضروري گهرجن جي کوٽ آهي، تنهن ڪري هن مرحلي تي سڌي ڳالهه ٻولهه جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي. ايراني اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن آمريڪا حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪري ته امن جو رستو نڪري سگهي ٿو. اسرائيلي ذريعن چيو هو ته آمريڪا پاڪستان جي ذريعي ايران کي 15 نڪاتي تجويزون موڪليون آهن، جن ۾ آبنائي هرمز کي کولڻ، يورينيم جا ذخيرا ختم ڪرڻ ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي محدود ڪرڻ جهڙا سخت مطالبا شامل آهن،ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا جون تجويزون وصول ڪرڻ کي تسليم ڪندي چيو آهي ته واشنگٽن جو لهجو هاڻي تبديل ٿي رهيو آهي،اهو شڪست جو اعتراف آهي

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي پنهنجي پيغام ۾ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن  جلد سنجيدگي نه ڏيکاري ته واپسي جي راهه بند ٿي ويندي. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران فوجي طور تي سخت نقصان کڻي چڪو آهي ۽ ان جي بحري توڻي فضائي قوت تباهه ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايراني قيادت معاهدو ته چاهي ٿي پر پنهنجي ئي ماڻهن ۽ ٻاهرين نتيجن کان ڊنل آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران گذريل چار هفتن کان جاري جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو ڪرڻ لاءِ بي چين آهي ۽ ايراني ڳالهيون ڪندڙ ان لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن. ٽروٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران جو اهو چوڻ غلط آهي ته هو رڳو شرطن جو جائزو وٺي رهيو آهي.  هن چيو ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي ئي عوام جي ردعمل ۽ جان جي خوف سبب ان جو کلي عام اعتراف نه پيا ڪن. فرانسيسي خابرو اداري موجب ٽرمپ چيو ته ايراني اختيارين کي اهو به ڊپ آهي ته ڪٿي اسان کين نشانو نه بڻايون. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڳالهين ۾ پنهنجي سنجيدگي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ تحفي طور 10 تيل بردار جهازن کي اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٽرمپ موجب، ايران پهرين 8 وڏا تيل جا جهاز لنگهڻ ڏنا، جنهن کانپوءِ وڌيڪ ٻن جهازن کي به رستو ڏنو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهن ٽينڪرن ۾ ڪجهه اهڙا بحري جهاز پڻ شامل آهن جن تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل هو. صدر ٽرمپ ان عمل کي ايران پاران جنگ جي خاتمي ۽ ڳالهين جي عمل ۾ دلچسپي جو هڪ هاڪاري اشارو قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته آمريڪا سان ڪي به باضابطه ڳالهيون نه پيون ٿين، رڳو دوست ملڪن ذريعي پيغامن جي مٽاسٽا ٿي آهي، جنهن کي ڳالهه ٻولهه نٿو چئي سگهجي. ايراني سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آمريڪا جي ان 15 نڪاتي امن منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پاڪستان جي ذريعي کين پهچايو ويو هو. ان منصوبي ۾ ايران جي جوهري پروگرام ۾ گهٽتائي، ميزائلن تي پابندي، هٿياربند گروهن جي حمايت ختم ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جهڙا شرط شامل هئا. ايران جو موقف آهي ته ڪنهن به جنگبندي معاهدي ۾ لبنان کي به لازمي طور شامل ڪيو وڃي. ياد رهي ته 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن بعد شروع ٿيل هن جنگ ۾ هينئر تائين هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ۾ ايران جي حوالي سان ڪابينه جي اجلاس ۾ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي بحريه ۽ هوائي فوج کي “مڪمل طور تي” ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايران جا 90 سيڪڙو تقريبن ميزائل لانچر ۽ شايد 90 سيڪڙو کان وڌيڪ” ميزائل به تباهه ڪري ڇڏيا ويا آهن.ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران معاهدو ڪرڻ لاءِ درخواست ڪري رهيو آهي.اهي انتهائي سٺا ڳالهين وارا آهن هن چيو ته ايران آبناءِ هرمز مان مجموعي طور 10 تيل ٽئنڪر وڃڻ ڏنا،انهن ۾ ڪجهه پاڪستاني جهنڊو کڻندڙ جهاز به شامل هئا،ايران پيغام ڏنو ته اهو ڳالهين ۾ سنجيده آهي، اسان آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ معاهدو چاهيون ٿا،ايران جي تيل تي قبضو ڪرڻ به هڪ آپشن آهي پر ان تي نه ڳالهائيندس،هوڏانهن وچ اوڀر لاءِ آمريڪي صدر جي خاص نمائندي اسٽيئو وٽڪوف چيو آهي ته:امن معاهدي لاءِ آمريڪا 15 نڪتن جو منصوبو ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ثالثي جو ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستاني حڪومت ذريعي ايران تائين پهچايو ويو آهي،هي پهريون موقعو آهي جڏهن آمريڪي انتظاميه باقاعده طور تي پاڪستان جو نالو وٺندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.اسٽيئو وٽڪوف وڌيڪ چيو هي حساس سفارتي معاملو آهي، جيڪو خفيه رکيو ويو آهي، هن چيو ته  معاهدي جا سٺا امڪان آهن ۽ جيڪڏهن اهو عمل ۾ اچي ٿو، ته ايران، علائقي ۽ سڄي دنيا لاءِ بهتر نتيجا ڏيندو.
هن چيو ته اسان ڏسنداسين ته معاملا ڪهڙي طرف وڌن ٿا ۽ ڇا اسان ايران کي اهو باور ڪرائي سگهون ٿا ته هي هڪ فيصلو ڪندڙ موڙ آهي، جتي انهن وٽ وڌيڪ تباهي ۽ نقصان کان سواءِ ڪو بهتر متبادل موجود ناهي. اسان وٽ مضبوط اشارا آهن ته اهو ممڪن آهي.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.