سنڌ ۾ برساتن جو طاقتور سلسلو 31 مارچ تائين جاري رهڻ جو امڪان، الرٽ جاري

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن صبح سوير کان ئي برسات  جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي پر شهري انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي علائقن سائيٽ، ناظم آباد، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، شاهراهه فيصل ۽ ڪلفٽن ۾ هلڪي کان تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي موسميات کاتي مطابق اولهه جي هوائن جو سسٽم سنڌ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري 29 مارچ تائين وقفي وقفي سان برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلڻ ۽ ڳڙي پوڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڄامشورو، دادو، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ۽ سکر ۾ پڻ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. تيز هوائن دوران بجلي جي پولن، سائن بورڊن ۽ سولر پينلز کان پري رهو. آبادگارن کي تيز هوائن ۽ برسات سبب بيٺل فصلن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي فيلڊ ۾ رهڻ ۽ نيڪالي واري مشينري تيار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.  نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ تيز هوائن، آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. پنجاب جي شهرن لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، ملتان ۽ رحيم يار خان سميت بلوچستان جي شهرن ڪوئٽه، زيارت، قلات ۽ گوادر ۾ پڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته تيز هوائن ۽ آسماني بجلي سبب ڪمزور عمارتن، وڻن ۽ بجلي جي لائينن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي تازي صورتحال لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ ايپ استعمال ڪن ۽ انتظاميه پاران ڏنل حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن. سنڌ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موسميات کاتي جي حوالي سان نئين ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته اولهه کان هوائن جو سلسلو 27 مارچ جي رات کان وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿو، جيڪو 31 مارچ تائين برقرار رهندو. پڌرائيءَ موجب ڪراچي، ٺٽو، بدين، دادو، سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 26 مارچ کان برسات ۽ ڪٿي ڪٿي ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 28 ۽ 29 مارچ تي وقفي وقفي سان مينهوڳي جاري رهندي. پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته طوفان ۽ وڄن سبب بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، سولر پينلز ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. سمورن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ هائي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.