ايران پاران پاڪستان کي سستي تيل جي آڇ، پيٽرول 100 رپين تائين اچڻ جو امڪان

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سينئر صحافي اعزاز سيد انڪشاف ڪيو آهي ته ايران پاڪستان کي سستي اگھن تي تيل فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. پنهنجي تجزيي ۾ هن ٻڌايو ته آمريڪا پاران عارضي طور تي 30 ڏينهن لاءِ پابنديون ختم ڪرڻ بعد اهو هڪ سونهري وقت آهي. ايران هن وقت آبنائي هرمز تان گذرندڙ تيل جي جهازن کان فيس وصول ڪري رهيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ايراني تيل جي قيمت 102 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي. اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي سفارتڪاري کي حرڪت ۾ آڻي ايران سان تيل جو معاهدو ڪري ته ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت 70 کان 100 روپين جي وچ ۾ اچي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ ايران کان تيل خريد ڪرڻ پاڪستان لاءِ وڏو معاشي رليف ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.