ڪراچي ۾ هٿياربندن پاران ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين کان ڦر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شهيد ملت روڊ تي ميڊيڪيئر ڪٽ ويجهو هٿياربندن پاران جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي بس ۾ سوار شاگردياڻين کان ڦر جو واقعو پيش آيو آهي. نيو ٽائون پوليس موجب، واقعو صبح جو سويل ان وقت پيش آيو جڏهن شاگردياڻيون بس ۾ سوار هيون ته ٻن اڻڄاتل هٿياربندن بس ۾ چڙهي 3 شاگردياڻين کان موبائل فون، آرٽيفيشنل بريسليٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ورتو. آئي جي  سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آئي جي سنڌ لاڳاپيل ايس ايڇ او ۽ سيڪيورٽي تي مقرر عملي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته چشم ديد شاهدن جي بيانن جي روشني ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري کين فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.