ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه پنهنجو پريس بيان جاري ڪندي چيو ته ٻارڻ جي کوٽ کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جيڪو بھ فيصلو ڪندي، سنڌ حڪومت ان تي لبيڪ چوندي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي سمورن فيصلن تي عمل ڪري رهي آهي، وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته ھاڻوڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ ڪابينا ٽن مهينن لاءِ پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جمعي تي گهر کان ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي فيصلن جي هر سطح تي حمايت جاري رکي ويندي، عوامي ضرورتن ۽ ٻارڻ جي ذخيرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جيستائين صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه اچي وڃي، تيستائين قدم کنيا ويندا رهندا.شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ته سنڌ حڪومت به ان تي مڪمل طور تي عمل ڪندي، اهڙي صورتحال کان بچڻ ضروري آهي جنهن ۾ ٻارڻ ۽ توانائي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي.هن چيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، ٻارڻ بچائڻ ۽ امڪاني مهانگائي کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪيترائي اهم قدم کنيا پيا وڃن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي وڌيڪ سھڪار جي ضرورت پئي ته سنڌ حڪومت هر ممڪن سھڪار ڪندي.هن چيو ته اسان ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته گهر کان ڪم ڪن، ڇاڪاڻ ته هي ڪنهن هڪ فرد جو مسئلو ناهي پر سڀني جو گڏيل ۽ اجتماعي مسئلو آهي، ماڻهن جي سھڪار سان ئي ٻارڻ جي بچت ۽ توانائي جي ذخيرن کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سڀئي فيصلا ڪيا پيا وڃن ۽ حڪومت جي اولين ترجيح قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ هر قيمت تي ٻارڻ جي کوٽ کي روڪڻ آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ بابت پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن.