رياض/دبئي (م ڊ) موسمياتي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هڪ طاقتور طوفان سعودي عرب ۽ نار ملڪن ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري هفتي جي آخر تائين مختلف علائقن ۾ تيز برساتن، آنڌاري ۽ مٽيءَ جي طوفان جو خدشو آهي. سعودي موسميات کاتي موجب، خميس ڏهاڙي برسات سان گڏ هوا جي رفتار 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته سامونڊي لهرون 2.5 ميٽر کان به وڌيڪ مٿي اٿڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف، گڏيل عرب امارات ۾ طوفاني برساتن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، شهرين پنهنجي گهرن کي پاڻي کان بچائڻ لاءِ واريءَ جون ٿيلهيون ۽ پلاسٽڪ شيٽون استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اماراتي اوقاف کاتي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو برسات دوران پنهنجي گهرن ۾ نماز ادا ڪن. مسجدن جي امامن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اذان کانپوءِ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪن ته ماڻهو گهرن ۾ رهن، جڏهن ته مسجدن ۾ ظهر سان عصر ۽ مغرب سان عشا جي نماز گڏ ڪري پڙهڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي.