چين ،آمريڪا – ايران ڳالهين لاءِ پاڪستان جي ميزباني جي حمايت ڪري ڇڏي

بيجنگ/ اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) چين وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ آمريڪا توڙي ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني واري آڇ جي کليل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لِن جيان بيجنگ ۾ ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته ايران جنگ جا اثر نه رڳو خطي پر عالمي سطح تي پئجي رهيا آهن، ۽ ان بحران جو واحد حل رڳو بامقصد ڳالهين ۾ ئي لڪيل آهي. ترجمان واضح ڪيو ته چين هر ان ڪوشش جي حمايت ڪري ٿو جيڪا ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪئي وڃي. هن آبنائي هرمز جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهم بحري رستن کي محفوظ بڻائڻ عالمي برادري جي مفاد ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته وچ اوڀر ۾ بي امني عالمي سپلائي چين ۽ توانائي جي مارڪيٽن لاءِ وڏو خطرو آهي. چين عزم ظاهر ڪيو ته هو خطي جي ملڪن سان ملي خليج ۾ امن و امان جي بحالي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پاڪستان پاران ڳالهين لاءِ ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي به شيئر ڪيو. عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب پاڪستان آمريڪي تجويز تهران تائين پهچائي ڇڏي آهي، ۽ هاڻي اسلام آباد يا ترڪي ۾ انهن ممڪنه مذاڪرات جي انعقاد تي غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.