حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد ٿاڻي جي حد هادي نگر واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو آهي. پوليس موجب هٿياربندن 32 سالن جي ارباز احمد ولد بشير احمد کي نشانو بڻايو، جنهن کي ٻه گوليون لڳيون. واقعي بعد هٿياربند آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سخت زخمي نوجوان کي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو شروعاتي طور چوڻ آهي ته واقعو بظاهر ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي. مقتول نوجوان حسين آباد واري علائقي جو رهواسي هو. پوليس موجب هادي نگر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا پيا وڃن ته جيئن جوابدارن جو پتو لڳائي کين قانون جي گرفت ۾ آڻي سگهجي. هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.