سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر جي نيو پنڊ ٿاڻي جي حد مائڪرو ڪالوني ۾ مبينا ڪارنهن جي الزام تي هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ وحشي جوابدار پنهنجي سڳي سؤٽ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بابت مائڪرو پوليس چوڪي ڀرسان رهندڙ علي شير ملڪ پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس جوان سال ڌيءَ انساءَ ملڪ کي سندس سڳي سؤٽ امان الله ملڪ (ولد حبيب الله) مبينا طور ڪوڙو ڪارنهن جو الزام لڳائي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نياڻي موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اطلاع ملڻ تي نيو پنڊ پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو. ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار واردات بعد فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هن گهر مان جنازو کڄڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ سموري علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.