واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ٽرمپ جي مقبوليت ايران جنگ ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ گهٽجي وئي آهي۔ برطانوي خبر ايجنسي جي سروي موجب آمريڪي صدر بڻجڻ کان پوءِ ٽرمپ جي عوامي حمايت گهٽجي 36 سيڪڙو رهجي وئي آهي۔ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدارت سنڀالڻ کان پوءِ ٽرمپ جي مقبوليت 47 کان 40 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي هئي۔سروي مطابق 61 سيڪڙو آمريڪين ايران تي حملن جي فيصلي جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته 35 سيڪڙو آمريڪين ان جي حمايت ڪئي آهي۔