تل ابيب(عوامي آواز نيوز)اسرائيل جي معيشت واري وزير نير برڪت بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته امڪان گهٽ آهي ته ايران آمريڪي انتظاميا طرفان پيش ڪيل 15 نڪاتي منصوبي تي عمل ڪندو،هن چيو ته اهو منصوبو ”ڪاغذ تي خوبصورت“ لڳي ٿو، پر ان تي عملدرآمد لاءِ مضبوط ضمانتن جي ضرورت پوندي۔نير برڪت وڌيڪ چيو ته ايران ۾حڪومت تبديل نٿي ٿي رهي، ۽ هن جنگ ۾ اسرائيل جو مقصد ايران کي ”جوھري هٿيارن، ميزائلن ۽ پراڪسيز“ کان محروم ڪرڻ آهي۔هن چيو ته جيڪڏهن اهي مقصد جلد حاصل ٿي وڃن، ايران طرفان سفيد جهنڊو لهرايو وڃي يا معاهدي تي صحيحون ڪيون وڃن ته ٺيڪ آهي، نه ته ايران کي وڌيڪ ڌڪ ڏيڻا پوندا۔ هن وڌيڪ چيو ته کيس يقين آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو انهن مقصدن تي متفق آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حاصل ڪندا۔ هن چيو ته هڪ پاسي ٽرمپ ڳالهين لاءِ تيار آهن، جڏهن ته ٻي پاسي هو علائقي ۾ وڌيڪ فوج موڪلي رهيا آهن، جنهن سان ايران جي عوام کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته آمريڪا سنجيده آهي۔آخر ۾ هن چيو ته هن مرحلي جي پڄاڻي تي يا ته ڪنهن معاهدي ذريعي يا بغير معاهدي جي اهي پنهنجا مقصد حاصل ڪري وٺندا۔