تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي خاتم الانبيا مرکزی هيڊڪوارٽر جي ترجمان آهي ابراهيم ذوالفقاري (جيڪو ايرانجو مرڪزي فوجي ڪمان سمجهيو وڃي ٿو)، هڪ بيان ۾ بغير نالو وٺڻ جي ”خودساخته عالمي سپر پاور“ تي تنقيد ڪئي آهي۔ايراني ميڊيا تي نشر ٿيل وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي شڪست کي معاهدو نه سڏيو، هن وڌيڪ چيو تهڇا توهان جا اندروني اختلاف ايتري حد تائين پهچي ويا آهن جو توهان پاڻ سان ئي ڳالهيونڪري رهيا آهيو؟“ابراهيم ذوالفقاري چيو ته ”توهان نه ته خطي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ٻيهر ڏسي سگهندا ۽ نه ئي توانائي ۽ تيل جون اهي پراڻيون قيمتون، جيستائين توهان اهو نه سمجهو ته خطي جو استحڪام اسان جي مسلح افواج جي طاقتور هٿن سان يقيني بڻجي ٿو۔ استحڪام طاقت مان پيدا ٿيندو آهي۔“هن زور ڏئي چيو ته اسان جهڙا ماڻهو توهان جهڙن سان ڪڏهن به سمجھوتو نه ڪندا نه هاڻي، نه ڪڏهن به۔“