اسان شريف ٿي ويا آهيون، تڏهن ته ڪراچي ۾ امن آهي: خالد مقبول

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن چيو آهي ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو مطالبو ملڪ کي بچائڻ لاءِ آهي،ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي ،مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جاگيرداراڻو جمهوريت آهي۔ هن چيو ته ايران جي ڪامياب مزاحمت جو هڪ سبب اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي آهي، ۽ اسان جو اهو مطالبو به ملڪ کي بچائڻ لاءِ آهي۔هن وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائونل ڳائڻ کان اڳ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪيو وڃي۔ جنگ کان پوءِ حڪومت فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اڃا اهو چوڻ جلدي آهي ته پاڪستان کي ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو۔ پاڪستان جيڪو ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان ان جي حمايت ڪريون ٿا، ۽ قوم کي ذهني طور تي تيار رهڻو پوندو۔ هن چيو ته فوج پيشه ور آهي ۽ جنگ ۾ صرف فوج نه پر سڄي قوم وڙهندي آهي۔خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪڏهن دشمن نقصان پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ته پهريون نشانو ڪراچي ٿيندو، ۽ ڪراچي کي موجوده حالت ۾ رکندي ملڪ جي سلامتي کي يقيني نٿو بڻائي سگهجي۔ حڪومت جيڪڏهن اسان جو مطالبو مڃي ته اسان حڪومت سان گڏ بيهنداسين۔ هن چيو ته گذريل ڏهاڪن کان جنهن خطري جو ذڪر ٿي رهيو هو، اهو هاڻي در تي اچي پهتو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته اهڙين حالتن ۾ اختيارن کي گهٽي ۽ محلن تائين منتقل ڪيو ويندو آهي۔ ايم ڪيو ايم جي قيام کان وٺي اسان اهو چئي رهيا آهيون ته ووٽ وٺندڙن تي وڌيڪ ذميواري هوندي آهي۔ ايران ۾ اتحاد جي هڪ وڏي وجهه تهران جي بلدياتي نظام کي قرار ڏنو۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته 28هين ترميم ۾ بلدياتي اختيار نچلي سطح تائين منتقل ڪيا ويندا۔خالد مقبول صديقي چيو ته ٿوري اقليت جي ڪري عوام تائين اختيارن جي منتقلي روڪي وڃي ٿي۔ هن وزيراعظم کان سوال ڪيو ته ايم ڪيو ايم صرف اهو مطالبو ڪيو هو ته آئين کي عوام لاءِ آسان بڻايو وڃي۔ هن سڀني سياسي جماعتن کان مطالبو ڪيو ته 28هين آئيني ترميم جلد آندي وڃي، جيئن ايم ڪيو ايم حڪومت سان گڏ رهڻ بابت حتمي فيصلو ڪري سگهي۔هن چيو ته ايم ڪيو ايم گل پلازا جي متاثرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ ضرورت پوڻ تي روڊن تي به نڪرندي۔ هن تنقيد ڪئي ته شهر جي انتظاميا موڪلن دوران پنهنجن علائقن ڏانهن هلي ويندي آهي، جيڪا هنگامي حالتن ۾ بدامني وڌائي سگهي ٿي۔ هن زور ڏنو ته پاڪستان کي بچائڻ ۾ عوام جو اهم ڪردار آهي۔فاروق ستار پڻ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جاگيردارانه جمهوريت کي شراڪتي ۽ شمولياتي جمهوريت ۾ تبديل ڪيو وڃي، ۽ عوام کي پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي۔ هن چيو ته مؤثر ۽ بااختيار بلدياتي نظام ملڪ جي بقا لاءِ ضروري آهي۔هن چيو ته پاڪستان جي 144 ضلعن ۽ شهرن کي پاڻڀرو بڻائڻ جو فارمولو ايم ڪيو ايم پيش ڪري چڪي آهي، ۽ اسٽرٽيجڪ ڊولپمينٽ پلان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي۔ هن ٻڌايو ته ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهم ٻڌڻي ٿيڻ واري آهي۔ هن چيو ته صرف قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا نمائندا عوام جي تقدير جو فيصلو نٿا ڪري سگهن، اختيار ڏيڻ سان ئي مڪاني نمائندا مضبوط ٿيندا۔ مصطفيٰ ڪمال چيو ته جديد دور ۾ جنگن دوران سول انتظاميا به فوج سان گڏ سرگرم هوندي آهي۔ هن چيو ته پاڪستان جو موجوده نظام صرف چار وڏن وزير تائين محدود آهي، جڏهن ته 400 شهرن کي هلائڻ هن نظام سان ممڪن ناهي۔ هن چيو ته توانائي جو بحران به مقامي نمائندن ذريعي حل نٿو ٿي سگهي، ۽ اهو هاڻي قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي چڪو آهي۔ هن زور ڏنو ته موجوده علائقائي حالتن ۾ ايم ڪيو ايم جي آئيني ترميم جي اهميت اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي۔فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ هڪ آئيني عهدو به انهن کان برداشت نٿو ٿئي، جڏهن ته هو پاڻ اٺ اٺ عهدن تي ويٺا آهن۔وفاقي حڪومت کي پيغام ڏنو ته انهن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهن ته اهو رويو ڇڏي ڏين، دلين ۾ وسعت پيدا ڪن، نه ته سڀني جي بقا ۽ سلامتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي۔

سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل پيا ڪن: پ پ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي سنگين الزام لڳايا آهن۔ ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير  سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو تازو بيان سياسي ناڪامي ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي۔ وفاق ۾ شراڪتدار هجڻ باوجود سنڌ حڪومت خلاف زهر اوڳاڇڻ انهن جي ٻٽي معيار جو واضح ثبوت آهي۔هن چيو ته آرٽيڪل 140-اي ۽ بلدياتي نظام جي نالي تي هي ماڻهو اصل ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي پنهنجي پراڻين ۽ ناڪام سازشن کي هوا ڏئي رهيا آهن۔ خالد مقبول صديقي ۽ سندس  جماعت ٻئي عوام ۾ غير مقبول ٿي چڪا آهن۔ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڌرتي صوفيائن جي سرزمين آهي، ان جي ورهاست جو خواب ڏسندڙ هميشه ناڪام ٿيندا۔ اٺاويهين آئيني ترميم ذريعي مهم جوئي ڪرڻ بدران ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي،ڪراچي جا ماڻهو هاڻي انهن جي خالي نعرا ۽ لساني سياست جي ورغلائڻ ۾ نه ايندا۔هن چيو ته صوبائي خودمختياري ۽ ارڙهين ترميم تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔ ايم ڪيو ايم جا وزير وفاق ۾ ويهي مراعتون وٺي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ اچي مظلوميت جو پٽڪو ڪن ٿا، بلدياتي اختيارن جي ڳالهه ڪندڙ ٻڌائين ته جڏهن هو اقتدار ۾ هئا ته عوام لاءِ ڇا ڪيو؟هن  چيو ته سنڌ حڪومت هميشه ڪراچي جي ترقي لاءِ رڪارڊ فنڊ فراهم ڪيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم صرف لساني نفرتن کي وڌايو آهي۔ آرٽيڪل 140-اي جي تشريح پنهنجي مرضي سان ڪرڻ آئين سان مذاق آهي۔ اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جو عمل جاري آهي۔ پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جي آنچ اچڻ نه ڏيندي۔هن چيو ته سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن،وفاقي حڪومت کي گهرجي ته پنهنجن اتحادين کان پڇي ته اهي بار بار صوبائي هم آهنگي کي ڇو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم جي سياست هاڻي صرف پريس ڪانفرنسن تائين محدود رهجي وئي آهي، اسان هر اهڙي آئيني ترميم جي مخالفت ڪنداسين جيڪا سنڌ جي حقن تي ڌاڙو  هڻڻ يا ان کي ورهائڻ جي نيت سان آندي وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.