ڪوالالمپور (م ڊ) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ پاڪستان جي ميزباني واري آڇ کي وقتائتو ۽ هاڪاري قرار ڏيندي ان جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ انور ابراهيم وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين دوست ملڪن جي قيادت کي ساراهيو، جن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا آمريڪا ۽ ايران ٻنهي سان بهتر لاڳاپا آهن، جنهن ڪري هو مسلم دنيا ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن آمريڪا ۽ ايران تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي هن آڇ جو هاڪاري جواب ڏين. انور ابراهيم ايران جي دفاع واري حق جي حمايت ڪندي چيو ته اسرائيل پاران ايران ۽ لبنان تي جاري حملن جي تناظر ۾ عالمي قانون موجب ايران کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جو پورو حق آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته ان جا معاشي ۽ سماجي اثر سڄي خطي سميت دنيا تي پوندا. انور ابراهيم عالمي قانونن جي هڪجهڙائي سان لاڳو نه ٿيڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن گذريل ڏينهن دوران پاڪستان، ترڪي، انڊونيشيا، جاپان ۽ مصر جي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن ته جيئن ڪشيدگي کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري سگهجن.
-
آمريڪا سان ڳالهيون نه پيون ٿين: پاڪستان ۾ ايراني سفير
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نه ڪي سڌيوم ۽ نه ئي اڻ سڌيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن۔ايراني سرڪاري خبر ايجنسي ارنا موجب هن چيو ته ڪجهه دوست ملڪ تهران۽ واشنگٽن جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ۽ اميد آهي ته اهي هن مسلط ڪيل جنگ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا۔ٻئي پاسي ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران سان ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ايراني فوج ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن شهبازشريف چيو هو ته پاڪستان هن تڪرار لاءِ ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔
-
آسيا اندرابي ۽ ٻين عورتن،کي سزا انصاف جو قتل آهي: حافظ نعيم
لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي سربراهه حافظ نعيم الرحمان، ڀارتي عدالت پاران والاريل ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا اندرابي کي ڏنل سزائن تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ گذريل اٺ سالن کان قيد ڪشميري عورتون غاصب ڀارت خلاف مزاحمت جي علامت آهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي عدالت انصاف جي کوٽ جو مظاهرو ڪندي دختر ملت جي اڳواڻ آسيه اندرابي کي ٽي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جيڪا نه رڳو انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي پر عالمي ضمير لاءِ به چئلينج آهي. هن وڌيڪ چيو ته آسيه اندرابي جي ويجهن ساٿين ناهيدا نسرين ۽ صوفي فهمده کي به 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪا ڀارتي رياستي جبر جي بدترين مثال آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪشميري عوام ۽ قيادت جون اهي عظيم قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ آزادي جي جدوجهد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندي رهندي. هن مطالبو ڪيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪشمير جي مسئلي تي وڌيڪ اثرائتي ۽ متحرڪ سفارتڪاري ڪري.هن حڪومت کي صلاح ڏني ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن يا واعدن تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪري ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ڪيس دنيا جي سامهون جامع انداز ۾ پيش ڪري.هي بيان جماعت اسلامي جي امير پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي جاري ڪيو ويو.
-
سعودي عرب پاران ايران جنگ کي هٿي ڏيڻ بابت رپورٽ رد
رياض(عوامي آواز نيوز) سعودی عرب ايران جنگ جي حوصلا افزائي بابت آمريڪي اخبار جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔سعودي سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تهسعودي قيادت پاران ايران سان ڊگهي جنگ جي حوصلا افزائي واري خبر غلط آهي۔ذريعن موجب سعودي عرب انهن خليجي ملڪن مان آهي جيڪي علائقي ۾ فوجي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن۔سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب کلي طور اعلان ڪيو آهي ته هو ڪنهن به ممڪن جنگ جو حصو نه بڻجندو۔