ڪشميري عوام ايران جي مدد ۾ اڳڀرو، عورتن زيور ۽ ٻارڙن ڀانڊارا عطيو ڪري ڇڏيا

سري نگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ايران سان ايڪي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي امدادي مهم جاري آهي، جنهن ۾ ڪشميري مسلمان ايراني عوام جي مدد لاءِ پنهنجي وت کان وڌيڪ حصو وٺي رهيا آهن. آمريڪي خبرون ڏيندڙ اداري ’ايسوسي ايٽڊ پريس‘ موجب، بڊگام ۽ ٻين علائقن ۾ قائم ڪيل امدادي ڪيمپن تي ماڻهو روڪ رقم، سون، گهريلو سامان ۽ مال متاع توڻي رانديڪا به عطيو ڪري رهيا آهن. امدادي مرڪزن تي انتهائي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. شازيه بتول نالي هڪ عورت پنهنجي ڪنن جون سون جون واليون عطيو ڪندي چيو ته هن جو دل ايران سان گڏ آهي ۽ مدد ڪرڻ سندن مذهبي توڙي انساني فرض آهي. اهڙي طرح، معصوم ٻارڙن پنهنجا ڀانڊارا ڀڃي جمع ڪيل پئسا ۽ نوان رانديڪا به امدادي مهم جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هڪ ننڍڙي ٻارڙي پاران پنهنجي ڪنن جون واليون لاهي عطيو ڪرڻ واري عمل سڀني کي متاثر ڪري ڇڏيو. هي امدادي سرگرميون عيدالفطر جي موقعي تي وڌيڪ تيز ٿيون، جتي ڪشميري عوام روايتي خوشين جي بجاءِ سادگي اختيار ڪندي اها رقم ايران جي متاثرن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڪجهه صاحبِ حيثيت ماڻهو نئين دهلي ۾ قائم ايراني سفارتخاني جي اڪائونٽ ۾ سڌو سنئون رقم جمع ڪرائي رهيا آهن. ايراني سفارتخاني سوشل ميڊيا ذريعي ڪشميري عوام جي هن ايڪي تي شڪريو ادا ڪندي ان کي انسانيت جي عظيم مثال قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.