ڪنھن به علائقي جي سڃاڻپ جا ڪجهه خاص پھلو ،شيون ،ثقافتي قدر ھوندا آھن ائين ئي اسان جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪافي تاريخي ثقافتي شخصيتي سڃاڻپ سان گڏ ھٿ جو ھنر به پنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو خاص ڪري مُڪي جو ڀرت.
ھي ڀرت ھتي ڪافي پراڻو آھي جيڪو خاص ڪري ميگھواڙ ذات جون عورتون تمام صفائي سان ڀرينديون آھن اڳ ۾ اڃان جڏھن جديد طرز ۽ مشيني ڪم جا ٺھيل ڪپڙا نه ھوندا ھئا ته شادي م ڏاج نڪاح جا جوڙا ان ڀرت سان ٺھيل ڏنا ويندا ھئا اج به ٿر جي ڪجهه ذاتين ۾ اھا رسم آھي ته ڪنوار لاءِ نڪاح جو جوڙو مُڪي جو ڀريل گج هوندو آهي اهو ڪنوار کي پهرائڻ بعد ئي نڪاح ٿيندو آھي. مُڪي جو ڀرت خاص مُڪي جي ڌاڳن سان ئي ڀريو ويندو آهي جيڪو ٻن قسمن جي رنگن جو ھوندو آھي ھڪ سلور (چاندي) جو ٻيو گولڊن( سون) جي ڪلر جو ان کي وڌيڪ خوبصورت ٺاهڻ لاءِ ان ۾ پشم جا رنگ ۽ ٽِڪ( شيشو) پڻ لڳايا ويندا آهن.
جڏھن ڳالهه اچي ٿي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ته اتي ان ڪم کي پروموٽ ڪرڻ جي ڪافي ضرورت آھي ھٿ جي ڀرت کي عالمي سطح تي تمام گھڻي اھميت ڏني ويندي آھي. ھن ڪم جي عام سطح تي ايتري ڪمائي ان لاءِ ناھي جو ھتي ھر ٻئي گھر ۾ اھو ڪم ٿي ٿو ان ڪم کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي ھلندڙ ٽرينڊ فيشن ڪلر ڪامبينيشن کي مدنظر رکي ٺاھيو وڃي ته تمام گھڻي ڪمائي ٿي سگهي ٿي.
ڪم ڏسڻ ۾ جيترو خوبصورت آهي ٺاهڻ ۾ ايترو ئي محنت طلب آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ ان جو اجورو محنت جي حساب سان ملي ٿو يا نه اهو هڪ الگ بحث آهي هن ڪم کي مارڪيٽ تائين رسائي ۽ اتي مسلسل وڪرو ٿيڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ جديد طرز جي ٽرينڊ جي ڄاڻ ن هجڻ، ڪپڙي ۽ رنگن کي ڪيئن بيهارجي اها ڄاڻ نه هجڻ مارڪيٽنگ ڪيئن ڪجي ان ڄاڻ جو فقدان هجڻ،وقت تي آرڊر جو مڪمل نه ٿيڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيا ڪافي مسئلا درپيش آهن جنھن لاءِ گڏيل ڪوششن سان ئي هن ڪم ۾ بهتري اچي سگهي ٿي ۽ عورتن کي مسلسل روزگار جا موقعا پڻ ملي سگھن ٿا جنھن سان حقيقي معني ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ڪجهه حصو شامل ڪري سگهجي ٿو ان سموري عمل ۾ اسان جي حڪومت خاص ڪري عورتن جي ترقي واري شعبي، ۽ عورتن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن، ادارن جي بنيادي ذميواري آهي ته هن ڪم کي هٿي ڏيڻ لاءِ جن به علائقن ۾ هي ڪم ٿئي ٿو اتي يوسي سطح تي هنرمند عورتن جا ننڍا ننڍا گروپ ٺاهي انهن فيشن ڊزائينر جي ذريعي انهن جي سکيا ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ ڊجيٽلائيزيشن جي هن دور ۾ هن ڪم ذريعي ڪئين ڪمائي سگهجي ٿو اها سکيا پڻ انهن عورتن کي ڏني وڃي ۽ سڀ کان اهم ڪم انهن جا مارڪيٽ لنڪيجز پڻ ڪرايا وڃن ته جيئن اهو ڪم هڪ تسلسل سان هلندو رهي
ان سان گڏ اڄ جي جديد دور ۾ مشين جي ڀرت سان ڀريل ڪپڙا مارڪيٽ ۾ عام جام ملي رھيا آھن اتي ھٿ جي ڀرت جي اھميت به گھٽجي رھي آھي ان جو مطلب ته اسان جي خطي جي ھٿ جي ھنر جي سڃاڻپ ختم ٿي رھي آھي انڪري وقت جي ضرورت به اھائي آھي ته اسان به پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ھن خوبصورت ھٿ جي ھنر مُڪي سان گڏ ٻين ھٿ سان ڀريل ڀرت کي نئي جديد طريقي سان مارڪيٽ ۾ آڻيون ۽ عورتن کي باعزت روزگار ۽ انھن کي خودمختيار بڻائڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيون.