اين ايف سي ايوارڊ کي ڦرلٽ جو دستور بڻايو ويو آهي، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو قبول ناهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته اين ايف سي ايوارڊ کي ڦرلٽ جو دستور بنايو ويو آھي،صوبن کي وسيلن جي حساب سان حصو ڏنو وڃي، سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ، تيل، گئس، ڪوئلي، بندرگاھ سميت قدرتي وسيلا رکندڙ سنڌ کي بدلي ۾ غربت، بيروزگاري، بدعنواني ۽ بدامني ڏيڻ ناانصافي آھي، سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن خلاف ڪا به آئيني ترميم قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ جو ھر ضلعو قدرتي دولت سان مالا مال آھي. دنيا ۾ سنڌ جھڙا علائقا سڀ کان وڌيڪ خوشحال آھن پر سنڌ جي معاشي ڦرلٽ لاءِ ھٿرادو غربت مسلط ڪئي وئي آھي. بدين، ٺٽو، سجاول سنڌ جا سامونڊي ضلعا آھن، اتان سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گئس جي پيداوار ٿئي ٿي پر انھن ضلعن کي منشيات جو ڳڙھ، ڪينسر جھڙيون بيماريون نوجوانن جون زندگيون کائي رھيون آھن. غربت ۾ بدحال ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا در بند آھن. نوڪريون ۽ تعليم ناھي، ٿرپارڪر ۾ دنيا جو 6ھون نمبر وڏو ڪوئلي جو ذخيرو آھي پر اتي جي نوجوانن کي وڏيون نوڪريون ناھن، موجوده حڪومت به ماضي جي حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي.جنھن ڪري سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ جا دروازا بند آھن. نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون، وفاقي حڪومت جيترا پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڪم ڪرائي ٿي اھڙا ڪم سنڌ ۾ نٿا ٿين. ڪا نئين يونيورسٽي ناھي ٺاھي وئي. ڪا انڊسٽري ناھي. وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا ناھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.