جرمن صدر پاران ايران خلاف جنگ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار

برلن(عوامي آواز نيوز) جرمني جي صدر فرينڪ والٽر آمريڪا جي ايران خلاف جنگ کي تباهه ڪن سياسي غلطي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔تقريب کي خطاب ڪندي هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي جنگ بين الاقوامي قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاران فوري حملي جو جواز قابلِ قبول ناهي، ۽ هي جنگ سياسي طور تي هڪ وڏي تباهه ڪن غلطي آهي، جنهن کان آساني سان بچي سگهجي پيو۔جرمن صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هن جنگ جو مقصد ايران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ هو، ته پوءِ به اها جنگ غير ضروري هئي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.