اسلام آباد(بيورو)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جن ۾ خطي ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين تي زور ڏنو ويو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب چين جي سفير جيانگ زيڊونگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڳالهه ٻولهه ۾ علائقائي ۽ عالمي پيش رفت تي ڌيان ڏنو ويو.ترجمان موجب، اسحاق ڊار وچ اوڀرٰ ۽ وسيع خطي ۾ ڳالهين۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرار گهٽائڻ تي زور ڏنو.اسحاق ڊار ۽ چيني سفير گڏجي سڀني موسمي تزويراتي تعاون ۽ ڀائيواري جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ باهمي دلچسپي جي معاملن تي ويجهي تعاون برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق نائب وزيراعظم سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بيان ۾ چيو ويو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تڪرار جي فوري حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سفارتڪاري ۽ مذاڪرات ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهن.