قيدي 804 کي عدالت آزاد ڪري سگهي ٿي حڪومت نه: نهال هاشمي

ڪراچي (رپورٽر) يوم پاڪستان جي موقعي تي گورنر سنڌ نهال هاشمي ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار حاضري ڏني ۽ فاتحا خواني ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ نهال هاشمي چيو ته قيدي نمبر 804 جو ڪيس عدالت ۾ آهي ۽ عدالت ئي کيس آزاد ڪري سگهي ٿي، حڪومت نه، جڏهن ته سندس سياسي ۽ عوامي ڪردار مراد علي شاهه ادا ڪندو، هن چيو ته بزرگن جي رکيل بنياد اسان جي منزل جي رهنمائي آهي، پاڪستان کي معاشي ۽ سياسي استحڪام ڏنو وڃي. هن اڄ کان هي سفر شروع ڪرڻ ۽ 2040 تائين پاڪستان کي ترقي جي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو عزم ظاهر ڪيو، گورنر سنڌ چيو ته کيس فخر آهي ته مان قوم جي باباءِ قوم ۽ نواز شريف جي پارٽي سان تعلق رکان ٿو. هن زور ڏنو ته سياست ۾ انتشار پکيڙڻ نه پر پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي ۽ صوبي جي خوشحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ پهرين قرارداد منظور ڪئي، الله هن صوبي کي وڌيڪ ترقي ڏئي. سنڌ جي گورنر دعا ڪئي ته وطن هميشه محفوظ رهي ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ خوشيون هجن، ھڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر واضح ڪيو ته حڪومت عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، گورنر جو عهدو آئيني آهي جڏهن ته عوامي نمائندگي وڏي وزير وٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.