پ پ قيادت پاران بيگم نصرت ڀٽو کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي يومِ پيدائش جي موقعي تي کين زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت تي اڻ ٽٽ يقين، جرئت ۽ قرباني جي لازوال علامت آهن۔ هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمريت جي سامهون هڪ مضبوط پهاڙ وانگر بيهي رهيون ۽ ڪنهن به دٻاءَ آڏو نه جهڪيون۔ هن چيو ته اچو ته اهو عهد ڪريون ته اسين بيگم نصرت ڀٽو جي قربانين جو احترام هڪ منصفانه، جمهوري ۽ همدرد پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ذريعي ڪنداسين،هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي عورت ونگ  جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي کين خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو ڏکين کان ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري اهو ثابت ڪيو ته جرئت ۽ قيادت جي ڪا حد نه هوندي آهي۔ مادرِ جمهوريت انتهائي مشڪل حالتن ۾ به بي مثال ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيوهوڏانهن  پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت ڀٽو خاندان جي مرهونِ منت آهي مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ سختيون برداشت ڪيون ۽ آمريت جي سامهون هڪ مضبوط چٽان وانگر بيٺي رهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.