عيد کان ترت پوءِ هڪ ارب ڊالر جي يورو بانڊ جي ادائيگي، پاڪستاني معيشت جو وڏو امتحان

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي ٻاهرين معيشت هڪ ڀيرو ٻيهر سخت دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي آهي. عيد الالفطر جي موڪلن کان ترت پوءِ هڪ ارب ڊالر جي يورو بانڊ جي ادائيگي جو امڪان آهي، جنهن سبب پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن، وڌندڙ قرضن ۽ ٻاهرين مالي امداد تي ڀاڙڻ بابت خدشن ۾ واڌارو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب، 2026ع جي شروعات تائين پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 8 کان 9 ارب ڊالرن جي وچ ۾ آهن. جيتوڻيڪ اها صورتحال 2023ع جي بحران جي مقابلي ۾ بهتر آهي، پر اهي ذخيرا عالمي معيار کان گهٽ آهن ۽ رڳو ڏيڍ کان ٻن مهينن جي درآمد لاءِ ڪافي آهن. ناڻي واري وزارت جي انگن اکرن موجب، ملڪ جو مجموعي پرڏيهي قرض ۽ رهتون 125 ارب ڊالرن جي حد پار ڪري چڪا آهن. هلندر مالي سال دوران پاڪستان کي 25 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي ٻاهرين مالي گهرجن جو مقابلو ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ هڪ ارب ڊالر جي ادائيگي مارڪيٽ جي اعتماد لاءِ وڏو امتحان قرار ڏني پئي وڃي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪي برآمد 25 کان 30 ارب ڊالرن تائين محدود آهي، جڏهن ته درآمد تمام گهڻي آهي،  جنهن ڪري ڪيپيٽل اڪائونٽ خسارو برقرار آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو موڪليل ناڻو، جيڪو ساليانو 30 ارب ڊالرن تائين پهچي ٿو، معيشت لاءِ وڏو سهارو آهي پر اهو پڻ عالمي حالتن سبب خطري ۾ آهي. ماهرن مشورو ڏنو آهي ته ننڍي مدي وارن اپائن بدران برآمد ۾ واڌ ۽ مالي نظم و ضبط جهڙا ڊگهي مدي وارا سڌارا اڻٽر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.