ارمغان جي گهر تي ڇاپي دوران زخمي ٿيل ڊي ايس پي دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان جي گهر تي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي سيد احسن ذوالفقار گذريل ڏينهن اسٽيڊيم روڊ تي قائم نجي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، ڊي ايس پي احسن ذوالفقار گذريل هڪ سالکان زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هو، جڏهن ته ڇاپي دوران هُن سان گڏ محافظ اهلڪار محمد اقبال پڻ زخمي ٿيو هو، ترجمان ڪراچي پوليس موجب مرحوم جي جنازي نماز جامع مسجد رحمانيه، طارق روڊ تي ادا ڪئي وئي ۽ پوءِ سوسائٽي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڊي ايس پي احسن ذوالفقار هڪ بهادر، فرض شناس ۽ پيشيور آفيسر هو، جنهن ڊيوٽي دوران جرعت ۽ بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، ارمغان ڪيس ۾ هُن جي قرباني سنڌ پوليس لاءِ فخر جو سبب آهي ۽ شهيد جي خون سان ئي صوبي ۾ امن قائم آهي، ترجمان پوليس موجب شهيد جي شاندار خدمتن،پيشيواراڻين صلاحيتن ۽ جرعت کي سدائين ياد رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.