لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

لاڙڪاڻو (ن ع آ) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رحمت پور ذوالفقار علي چانڊيو ٻڌايو ته ميروخان واسي حال ڀينس ڪالوني جي رهندڙ پورهيت احسان پٽ رستم سولنگي کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جو برادري سان پراڻو تڪرار آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.