ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن خلاف عوامي تحريڪ پاران ڏيئي ۾ ريلي،ڌرڻو

ڏيئي (پ ر)ايران مٿان مڙھيل آمريڪي ۽ اسرائيلي دھشتگردي ۽ اگھاڙي سامراجي جنگي  جنون ۽ جارحيت  جي خلاف ۽  ايراني عوام جي حق ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڏيئي ۾ حسيني چوڪ کان شھيد فاضل راھو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويو. جلسي ۾ عوام جي وڏي انگ سميت سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي. ريلي ۾  جيڪو آمريڪا جو يار آ، غدار آ، غدار آ، ايران مٿان حملو نامنظور، آمريڪي ۽ اسرائيلي دھشتگردي نامنظور جا نعرا ھنيا ويا. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مھراڻ درس، مرتضي شام، لکانو خاصخيلي، امير بخش جروار  ڪري رھيا ھئا. فاضل چوڪ تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايران جي تھذيب، ثقافت ادب ۽ ڪلچر صدين تي مشتمل آھي. ايران جي سرزمين حافظ شيرازي، رودڪي، فردوسي، شيخ سعدي، عمر خيام ، ابوالقاسم لاھوتي، جلال آل احمد، قرت العين طاھره جھڙن عظيم ۽  وطن دوست شاعرن ۽ اديبن جي سرزمين آھي. آمريڪا ۽ اسرائيل وينزويلا جي تيل  تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ايران جي تيل  ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا. رجيم چينج جي نالي ۾ ايران مٿان حملو ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جو اقتدار  پنھنجن دلال حڪمرانن حوالي ڪري، ھن خطي ۾ نئون اسرائيل ٺاھي، مسلمان ملڪن جي قدرتي ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪري سموري مسلم امت کي پنھنجو غلام بڻائڻ چاھين ٿا. اڳواڻن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل سڄي دنيا مٿان حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسي رھيا آھن. ھنن جي جنگي جنون ھن سڄي خطي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. اڳواڻن چيو ته صرف ھڪڙو مسلمان ملڪ  ايران سپر پاور طاقتن سان مقابلو ڪري رھيو آھي. ايران جون بھادر عورتون، مرد، ٻار ۽ ٻڍا پنھنجي وطن کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ آھن. اڳواڻن چيو ته ھڪڙا اڳواڻ شھيد ٿين ٿا ته ان جي جاءِ ٻيا ميدان ۾ اچن ٿا. اڳواڻن چيو ته ايران جو بھادر ۽ دلير عوام وڏي ھمت، حوصلي، ثابت قدمي، جرئت ۽ بھادري سان آمريڪي ۽ اسرائيلي دھشتگردي ۽ اگھاڙي جارحيت خلاف وڙھي  رھيا آھن.  اڳواڻن چيو ته آمريڪي سامراج دنيا مٿان حاڪميت ڪرڻ چاھي ٿو. صدر ٽرمپ پنھنجي جنگي جنون سبب دنيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي. ايران مٿان مڙھيل سامراجي جنگ دنيا کي تباھي طرف وٺي وڃي رھي آھي. صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياھو پنھنجي جنگي جارحيت سبب سموري دنيا کي ھڪڙي اوڙاھ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ايران جي مظلوم عوام مٿان حملا آمريڪي سامراج جي سفاڪي ۽ رھزن پاليسي جو ثبوت آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.