حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو 26 مارچ شام 5 وڳي قاضي احمد ۽ 31 مارچ شام 4 وڳي سانگهڙ ۾ شاگردن جي اجتماعن کي خطاب ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اقتدار تي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن مافيا جو قبضو آهي حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن.هن چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا ته 18 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي. سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي آهي جنهن پنهنجي مسلسل ارڙهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھه نه ڏنو. پيپلزپارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏيندي آهي،هن چيو ته خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني جي ڪري ڪا به نئين انڊسٽري نه لڳي سگھي آھي. مھانگائي تمام گھڻي وڌي وئي آھي.