گل پلازا ۾ ٻيهر لڳل باهه سبب هڪ شخص فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گل پلازا ۾ ٻيهر لڳل باهه ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو، جنهن ۾ فائر برگيڊ جي 5 گاڏين حصو ورتو، باهه وسائڻ کان پوءِ عمارت جي سرچنگ ڪئي وئي، جنهن دوران ڪالهه صبح جو هڪ شخص مليو جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس سرجن موجب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي، چيف فائر آفيسر همايون احمد چيو ته سرچنگ دوران شخص ظاهري طور تي نشي جو عادي لڳي رهيو هو ۽ کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر بعد ۾ هو فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.