ملڪ ۾ يوم پاڪستان جو جشن، تقريبون، جهنڊو ڦڙڪايو ويو

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ يومِ پاڪستان جو جشن روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جي شروعاتي توپن جي سلامي سان ٿي، جڏهن ته پرچم ڪشائي جون تقريبون پڻ ٿيون، صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 23 مارچ 1940 تي برصغير جي مسلمانن قراردادِ پاڪستان منظور ڪئي ۽ عليحده وطن جو تصور پيش ڪيو، جتي اسلامي اصولنموجب آزادي سان زندگي گذاري سگهجي، يومِ پاڪستان ياد ڏياريندو آهي ته قومي عزم کي حقيقت بڻائڻ لاءِ اتحاد ۽ هم آهنگي سڀ کان اهم آهن، وزيراعظم شهباز شريف به قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 86 سال اڳ مسلمان قيادت آزاد وطن جي بنياد لاءِ متحد ٿي ۽ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو جتي مسلمانن جا آئيني ۽ سياسي حق محفوظ هجن، وزيراعظم يومِ پاڪستان تي وچ اوڀر ۾ موجوده تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان متوازن ۽ فعال سفارتڪاري جاري رکي ٿو، چيلينجز جي باوجود معيشت پائيدار ترقي جي راهه تي آهي ۽ هٿياربند فوج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي بهادري ۽ قرباني قابلِ تحسين آهي، هٿياربندن فوجن جي سربراهن به يومِ پاڪستان جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني، فيلڊ مارشل عاصم منير، ايڊمرل نويد اشرف ۽ ائير چيف ظهير بابر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته 23 مارچ ايمان، اميد ۽ استقامت سان ڀرپور قومي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، هٿياربند فوج عوام ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان گڏ دشمن خلاف متحد ۽ هر وقت تيار آهي، ٻئي پاسي جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 23 مارچ پاڪستان جي اسلامي قوم لاءِ عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، قرآن ۽ سنت جو نظام قرارداد پاڪستان جي روح آهي. منصوره کان جاري ڪيل پيغام ۾ جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو بنياد 23 مارچ 1940ع جي قرارداد ۾ رکيو ويو هو، هي ڏينهن قوم لاءِ عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان جو بنياد ٻه قومي نظريي تي رکيو ويو هو، تنهن ڪري قرآن ۽ سنت جي نظام جو نفاذ قرارداد پاڪستان جي اصل روح آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته الله جو شڪر آهي ته اڄ جو پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي، دنيا جون ظالم قوتون پاڪستان کي گندي نظر سان نٿيون ڏسي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته 23 مارچ 1940 تي لاهور ۾ فلسطين جي حقن کي تسليم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي ناجائز رياست قرار ڏيڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.