بيجنگ/اسلام آباد (م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ يومِ پاڪستان جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري کي پيغام موڪليو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي قومي خود مختاري، آزادي، علائقائي سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ پاڪستاني عزم جي ڀرپور واکاڻ ڪئي آهي. پنهنجي پيغام ۾ چيني صدر چيو ته پاڪستان مختلف خطرن ۽ چئلينجن جي باوجود قومي ترقيءَ جو سفر ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌايو آهي. صدر شي جن پنگ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي چين کي دلي خوشي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين روايتي دوستي کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ ترقياتي حڪمت عملين ۾ هم آهنگي پيدا ڪري جديديت جي سفر ۾ ٻئي ملڪ گڏجي اڳتي وڌن. چيني صدر چيو ته هو صدر آصف علي زرداري سان گڏجي گڏيل مستقبل جي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻئي طرف، چين جي وزيراعظم لي چيانگ پڻ يومِ پاڪستان جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي. چيني وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ يومِ پاڪستان قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي، جنهن تي عالمي اڳواڻن پاران پاڪستاني قيادت کي مبارڪن جا پيغام موڪليا ويا.