مورو (رپورٽ: جاني مورائي) مورو سانحي کان پوءِ قيدي بڻايل 60 نوجوان آزاد نه ٿيا، پنهنجن پيارن جي آزادي لاءِ ويٺل وارثن عيد جا ٽئين ڏينهن به احتجاج ۾ گذاريا، آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد 9 هين ڏينهن به وارثن مردن عورتن ۽ ٻارڙن نياڻين سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شهرين وڪيلن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جن جي هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ ۽ تصويرون هيون جن تي بيگناھ قيدين جي آزادي جا نعرا لکيل هئا، ان موقعي تي وارثن محسن علي رستماڻي، ايڊووڪيٽ اسرار احمد ڀٽي، ايڊووڪيٽ نصير احمد کوکر، علي دوست رند، نواز علي ڪلھوڙو، وسيم سجاد لغاري ۽ ٻين چيو ته مظلوم بيگناھ بي قصور ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏهن مهينن کان ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز ۾ قيد آهن انهن جي ملاقاتن تي به بندش آهي انهن جا گهر ڀاتي امڙيون ونيون ڀينرون پيرسن والدين ڀائر پٽ پنهنجن پيارن جي بيگناهه قيد جو درد ڏهن مهينن کان سهندا پيا اچن انهن جي گهرن ۾ پنهنجن پيارن لاءِ درد غم ۽ ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آهن ضمانتن تي به بندش وجهي ڇڏي اٿن جيڪي حڪمران هتان چونڊيا انهن پهريون وار اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مورو ۽ ڳوٺ لغاري بجراڻي تي ڪيو جبر ڏاڍ ۽ بربريت جي انتها ڪئي وئي، ائين ضياءُ جي يارنهن سال مارشل لا ۾ به ائين نه ڪيو ويو، ڏهن مهينن کان لغاري رستماڻي ڪلهوڙو جويا ڀٽي رند چانڊيا نوجوان شاگرد پورهيت مزدور هاري حڪمرانن جي قيد خاني ۾ آهن، بيگناھ قيدين جا ٻار نياڻيون پنهنجن پيارن لاءِ زارو قطار رات ڏينهن درد ڀرين دانهن سان روئن ٿا، پنهنجن گهرن جي درن تي عيد ڏهاڙي ويهي پنهنجن پيارن جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا اهي ٻار ۽ گهر ڀاتي ڪهڙيون عيد جون خوشيون ملهائيندا 9 ڏينهن کان مسلسل وارث پنهنجن پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندا اچن پيا پر ڪير انهن جي دردن جو درمان ٿيڻ وارو نه آهي، هنن سنڌ جي سڀني قومپرست اڳواڻن سنڌ دوست وڪيلن سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته مورو سانحي جي بيگناھ قيدين جي آزادي لاءِ سنڌ ليول تي آواز اٿارين احتجاج ڪن مظلومن جو ساٿ ڏين قيدين جي وارثن سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شهرين گڏيل قومن، ڏيهي توڙي پرڏيهي انساني حقن جي تنظيمن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جي ظلم جبر بربريت جو نوٽيس وٺن مورو سانحي جي شهيدن زخمين قيدين ۽ متاثرين سان انصاف ڪن بيگناھ قيدين کي آزاد ڪرايو وڃي.