ملڪ ۾ اڄ کان 30 مارچ تائين تيز برسات جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ اڄ کان 30 مارچ تائين تيز هوا سان گڏ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان 30 مارچ تائين ملڪ ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، اولهه جون هوائون سڀاڻي بلوچستان ۾ دخل ٿيڻ جو امڪان آهي، 27 مارچ جي رات وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهن ٿيون، سسٽم جي اثر هيٺ پنجگور، تربت، کيچ،  اواران، گوادر، پسني ۽ اورمارڙا ۾ برسات جو امڪان آهي، لسبيلا، خاران، خضدار، چاغي، دالبندين، قلات، سبي، ڪوهلو، ڪوئيٽا، بارڪھان، نصير آباد، لورالائي، زيارت ، چمن ۽ پشين ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي، قلعا عبدالله، قلعا سيف الله، نوشڪي، هرنائي، زوب، قلات ۽ مستونگ ۾ به برسات جو امڪان آهي، سسٽم جي اثر هيٺ چترال، دير، سوات، ڪالام ۽ شانگلا ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي، اڄ  کان 29 مارچ تائين ڪوهستان، مالاڪنڊ، بونير، بٽگرام، مانسهرا، ايبٽ آباد، بالاڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته هري پور، مردان، نوشهره، ڪرم، صوابي، چارسده، ڪوهاٽ، هنگو ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي، ان کان سواءِ ڪرڪ، بنو، لڪي مروت، ٽانڪ، باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اسلام آباد، راولپنڊي، مري ۽ جهلم ۾ به سسٽم جي اثر هيٺ برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب پنجاب ۾ اٽڪ، چڪوال، سرگوڌا، ميانوالي، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبا تيڪسنگهه، خوشاب، نورپور تهل، گجرات،  گجرانوالا، لاهور، حافظ آباد، منڊي بهاءُ الدين، سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيرا غازي خان، بکر، ملتان، ڪوٽ ادو، بهاولپور، ساهيوال، بهاولنگر، رحيم يار خان ۾ سڀاڻي کان 30 مارچ تائين برسات جو امڪان  آهي، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي.

  1. ڪراچي، بلال ڪالوني مان زال مڙس جا لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ضلعي سينٽرل جي علائقي بلال ڪالوني ۾ هڪ گهر مان زال مڙس جا لاش مليا، ريسڪيو ذريعن موجب ٻنهي لاشن کي بلال ڪالوني ٿاڻي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، بعد ۾ پوسٽمارٽم لاءِ لاشن کي اسپتال اماڻيو ويو، ايس ايڇ او بلال ڪالوني انور شيخ موجب لاش ٻه کان ٽي ڏينهن پراڻا لڳن ٿا، شروعاتي ڄاڻ موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ هما ۽ انور جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي مڙس زال آهن، پوليس موجب عورت هما نور مقتول جي ٻي زال هئي، جڏهن ته پهرين زال جي ڌيءَ عيد جي موقعي تي والد سان رابطو ڪرڻ لاءِ فون ڪيو هو، ڌيءَ پاران ڪيترائي ڀيرا فون ڪرڻ باوجود ڪنهن به ڪال وصول نه ڪئي، جنهن بعد هُن پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ گهر وارا واقعي واري هنڌ پهتا، جتي پوليس جي موجودگي ۾ دروازو ٽوڙي گهر اندر داخل ٿيا، ڳولا دوران هڪ ڪمري مان عورت جو ٻه ڏينهن پراڻو لاش مليو، جڏهن ته گهر جي ڇت تان مرد جو لاش هٿ آيو، پوليس موجب واقعو بظاهر پراسرار آهي ۽ مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

  1. حڪومت وڏي حد تائين خرچ گهٽايا آهن:مصدق ملڪ

لاهور(بيورو) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير  مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم پيٽرول تي 127 روپيا ۽ ڊيزل تي 200 روپين کان وڌيڪ سبسڊي ڏني آهي۔لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدقملڪ چيو ته ملڪ کي مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ۽ حملن ۽ ڌماڪن باوجود علائقي ۾ ماحولياتي آلودگي جو خطرو وڌي ويو آهي۔وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجن خرچن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آندي آهي، جڏهن ته هارين جي سهولت لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ناهي ڪيو ويو۔هن اهو به چيو ته ملڪ جي حفاظت اسان سڀني تي فرض آهي،هن ٻڌايو ته پيٽروليم شين جي بچت لاءِ سرڪاري گاڏين کي بند (گرائونڊ) ڪيو ويو آهي، ۽ وفاقي وزيرن ۽ مشيرن جي دوري تي پابندي لڳائي وئي آهي۔هن چيو ته موجوده حالتن سبب وزيراعظم پنهنجا دورا به منسوخ ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي اسان کي ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻي پوندي۔وفاقي وزير موجب حڪومت غريب طبقي کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته صرف سيڪيورٽي مقصدن لاءِ ئي سرڪاري لگزري گاڏيون استعمال ڪيون وينديون۔حڪومت لگزري گاڏين جي فيول تي 200 روپيا ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي ته جيئن بار غريب بدران امير طبقي تي وڌو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.