فيلڊ مارشل خلاف تڪراري مهم؟

لاهور(عمران شفقت)فيلڊ مارشل عاصم منير جي حوالي سان جيڪا تڪراري مهم هلائي پئي وڃي، اها هڪ وڏي زهريلي مهم  آهي، جيڪا پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي۔ خاص طور تي ڪجهه شيعا عالم جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهي حيران ڪندڙ آهن۔ فوج سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن جو به چوڻ آهي ته آرمي چيف اهڙي ڳالهه ئي ناهي ڪئي ته جن کي ايران پسند آهي، اهي ايران هليا وڃن، پر جيڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪئي به وئي هجي، ته ان ۾ غلط ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن جي وفاداري ڪنهن ٻئي ملڪ سان آهي، ته پوءِ اهو به ڏسڻ گهرجي ته نيشني رياستن جو تصور ڇا آهي۔ رياستون پنهنجي ماڻهن کي تحفظ، روزگار، امن ۽ حقن جي ضمانت ڏين ٿيون۔جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ته پاڪستان ۾ انهن لاءِ حالتون مناسب ناهن، ته يا ته هو هتي رهندي جدوجهد ڪري، يا پوءِ جتي هن جي وفاداري آهي، اتي هليو وڃي۔ اها ڳالهه صرف وفاداري جي بنياد تي آهي۔عيد جي نماز دوران شيعا عالمن جي تقريرن ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون۔ انهن مان هڪ علامه شيخ جواد (پاراچنار سان تعلق) چيو ته اهي ڪير آهن جيڪي اسان جي وفاداري تي سوال ڪن؟ هڪ سرڪاري ملازم اهڙي ڳالهه نٿو ڪري سگهي علامه شيخ جواد ئي چيو هو ته جيڪڏهن ايران تي حملو ٿيو ته پاڪستان ٽٽي ويندو،علامه شيخ جواد چيو ته پاڪستاني فوج ۾ لڳ ڀڳ ٽي لک شيعا آهن۔ ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته انهن فوجين جي وفاداري پاڪستان سان نه پر ايران سان آهي؟پاڪستاني فوج جو بنيادي فرض پاڪستان ۽ پاڪستانين جو تحفظ آهي۔ جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن ته پوءِ رياست کي ڀرتي وقت ماڻهن جي وفاداري جا ٽيسٽ وٺڻا پوندا، جيڪا هڪ خطرناڪ سوچ آهي۔ ذريعن موجب:ايران وڃڻ” واري ڳالهه نه ٿي هئي اصل ڳالهه اها ٿي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ جي واقعن جي ڪري پاڪستان ۾ بدامني پيدا ڪئي وئي ته اها برداشت نه ڪئي ويندي فوجي تنصيبات تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ذريعن موجب فيلڊ مارشل عالمن سان گڏ افطار ڪئي نماز ادا ڪئي بعد ۾ عالمن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ويون اهو ڪو سياسي جلسو نه هو جتي هر ڪنهن کي اسٽيج تي ڳالهائڻ جو موقعو ملي،اصل ۾  ڪجهه عالم ڄاڻي واڻي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن مقصد پاڪستان ۾ فرقيواريت وڌائڻ آهي اهڙي صورتحال مان اسرائيل فائدو وٺڻ چاهي ٿو هڪ وڏي خبر اها آهي ته ايران 4000 ڪلوميٽر پري ڊيئگو گارشيا تي ميزائل فائر ڪيو اهو علائقو آمريڪا ۽ برطانيا جو گڏيل فوجي اڏو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جي ميزائل رينج تمام وڏي آهي پورو يورپ ان جي حد ۾ اچي سگهي ٿو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.