ڪنڌرا ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، 4 سڳا ڀائر قتل

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ انورپور ۾ عيد جي رات چار سڳا ڀائر قتل، علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف جي لهر۔ان سلسلي ۾ ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ انورپور ۾ پراڻي تڪرار تان ڌاريجا  برادري سان تعلق رکندڙ جوابدار نادر ڌاريجو عيد جي رات دير سان گهر ۾ گهڙي ننڊ ستل چئن سڳن ڀائرن تي حملو ڪري کين بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، سڄي علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، مارجي ويل ڀائرن ۾ غلام اصغر، نصرت عرف مهدي حسن، غلام اڪبر ۽ اختر حسين شامل آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتين جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته فوتين جي جنازي نماز انتهائي سوڳ واري ماحول ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين، مائٽن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي دوران هر اک آلي نظر آئي ۽ عيد جي خوشين وارو ڏينهن ماتم ۾ تبديل ٿي ويو۔بعد ۾ چارئي ڀائرن کي ڳوٺ انورپور جي قبرستان ۾ سوڳ واري فضا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. واضح رهي ته هي دل ڏاريندڙ واقعو پنهنجي ئي ويجهي مائٽ نادر ڌاريجو هٿان پيش آيو، جنهن سبب نه رڳو هڪ خاندان پر سڄي علائقي جون عيد جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون، وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سال جي 2003 ۾ جهيڙي دوران هڪ نوجوان فوت ٿي ويو هو، جنهن جو قانوني فيصلو به ٿي چڪو هو، پر جوابدارن جي دل ۾ وير باقي رهيو ۽ اڄ چار نوجوانن کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو، علائقي واسين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ کين قانون موجب سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.