ٽرمپ اڳيان باهه پٺيان پاڻي واري صورتحال ۾ ڦاسي ويو آهي: ليون پنيٽا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي دفاعي سيڪريٽري ۽ سي آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ليون پنيٽا صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگي حڪمت عملي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايران سان ٽن هفتن  کان جاري جنگ ۾ ٽرمپ انتظاميا اڳيان باهه پٺيان پاڻي واري صورتحال ۾ ڦاسي چڪي آهي. برطانوي اخبار سان ڳالهائيندي ليون پنيٽا چيو ته ٽرمپ ڪنهن مضبوط رٿابندي بدران رڳو خيالي سوچ تي هلي رهيو آهي ۽ کيس گمان آهي ته سندس بيان پاڻمرادو حقيقت بڻجي ويندا، جيڪو هڪ غير سنجيده رويو آهي. ليون پنيٽا موجب، ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو قتل هڪ وڏي غلطي ثابت ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ڪا عوامي بغاوت ته نه ٿي پر ايران ۾ وڌيڪ سخت موقف رکندڙ قيادت سامهون اچي وئي آهي. هن حيرت جو اظهار ڪيو ته آمريڪي انتظاميا آبنائي هرمز جي بند ٿيڻ واري خطري بابت ڪا به اڳواٽ تياري نه ڪئي هئي، جنهن ڪري هاڻي عالمي تيل جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ هاڻي ان موڙ تي آهي جتي جنگ بندي ممڪن ناهي ۽ آمريڪا وٽ رڳو ايراني ساحلي دفاعي نظام کي نشانو بڻائڻ جو رستو بچيو آهي، جنهن سان جاني نقصان وڌڻ جو خدشو آهي. ليون پنيٽا ٽرمپ انتظاميا تي اهو الزام پڻ لڳايو ته هو جنگي وڊيوز ۽ مري ويل فوجين جي لاشن کي تشهيري مقصدن ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو انتهائي غير اخلاقي عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.