تهران/واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا-اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ جي 23 هين ڏينهن دوران ايران پاران اسرائيل جي ايٽمي ٺڪاڻن ويجهو ڪيل ميزائل حملن ۾ سخت تباهي ٿي آهي. اسرائيلي ايمرجنسي سروسز موجب، عراد ۾ 84 ۽ ڊيمونا ۾ 78 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن جو مجموعي انگ 180 کان وڌي ويو آهي. ذريعن موجب، حملي ۾ 6 اسرائيلي مارجي ويا آهن، اهي ٻئي علائقا اسرائيل جي اهم ايٽمي ٺڪاڻن جي ويجهو واقع آهن، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت خوف واري صورتحال آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، هي حملو نطنز ايٽمي مرڪز تي اسرائيلي ڪارروائي جي جواب ۾ ڪيو ويو. عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) موجب اسرائيلي ايٽمي ريسرچ سينٽر کي ڪو وڏو نقصان ناهي پهتو ۽ نه ئي تابڪاري خارج ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن. ٻئي طرف، صورتحال ان وقت وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ته جيڪڏهن آبنائي هرمز نه کليو ته ايران جا پاور پلانٽ تباهه ڪيا ويندا. ايراني فوج بدلي ۾ سڄي وچ ايشيا ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ايران پاران تهران جي فضا ۾ هڪ آمريڪي-اسرائيلي ڊرون ۽ هڪ جنگي جهاز ڪيرائڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي. جنگ جي شروعات کان هن وقت تائين ايران ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 20 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. نار وارن ملڪن ۾ پڻ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جتي سعودي عرب ۽ بحرين ڪيترن ئي ايراني ڊرونن کي ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته قطر ۾ هڪ فوجي هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو صورتحال کي انتهائي ڏکي قرار ڏيندي ريسڪيو ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ملڪ ۾ تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته هو ايران سان ڪنهن به قسم جي معاهدي جو خواهشمند ناهي ۽ جيڪڏهن ايران 48 ڪلاڪن اندر آبنائي هرمز کي مڪمل طور نه کوليو ته مٿس سخت فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ پنهنجي مقرر ڪيل شيڊول کان ڪيترائي هفتا اڳتي آهي. هن چيو ته ايران جي قيادت هاڻ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان جي بحري توڙي فضائي قوت تباهه ٿيڻ بعد ملڪ وٽ ڪو به اثرائتو دفاع باقي نه بچيو آهي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران هاڻ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو پر هو ان ۾ دلچسپي نٿو رکي. هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن مقرر وقت ۾ آبنائي هرمز نه کلي ته آمريڪا ايران جي پاور پلانٽن کي نشانو بڻائيندو، جنهن جي شروعات سڀ کان وڏي پلانٽ کي تباهه ڪرڻ سان ڪئي ويندي. ٻئي طرف، ايراني اختيارين آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ ڳالهين بابت هر قسم جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ ان کان اڳ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهين جا اشارا ملي رهيا هئا. ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين جو سخت جواب ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي توانائي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو ته ان جو ردعمل نه رڳو آمريڪا پر سڄي وچ ايشيا جي توانائي انفراسٽرڪچر لاءِ تباهه ڪندڙ هوندو. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي بجلي گهرن تي حملو ٿيو ته ايران خطي ۾ موجود تيل ۽ توانائي جي ٺڪاڻن کي وڏو نقصان پهچائيندو، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون بلند ترين سطح تي هليون وينديون. ايراني فوج جي مرڪزي ڪمانڊ جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري ۽ ختم الانبياءِ هيڊڪوارٽر پڻ پنهنجن بيانن ۾ چيو آهي ته ايران نه رڳو تيل ۽ گيس جي ٺڪاڻن پر پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽن (ڊي سيلينيشن) ۽ آءِ ٽي سسٽم کي پڻ نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، خاص ڪري اهي جڳهيون جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل آهن. هوڏانهن ايران جي توانائي واري وزير اعتراف ڪيو آهي ته دشمن جي حملن سبب پاڻي ۽ بجلي جي نظام کي پهريان ئي ڪجهه نقصان پهتو آهي، جنهن جي مرمت ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اڳوڻي سربراهه شهيد علي لاريجاني چيو هو ته ايران جي بجلي واري نظام تي حملي جي صورت ۾ سڄو خطو صرف اڌ ڪلاڪ اندر اوندهه ۾ ٻڏي سگهي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته انهن چتائن سان علائقائي ڇڪتاڻ عالمي توانائي جي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. ايراني خابرو اداري موجب، گڏيل قومن جي عالمي ميري ٽائيم آرگنائيزيشن ۾ ايران جي نمائندي علي موسوي واضح ڪيو آهي ته آبنائي هرمز رڳو ايران جي دشمنن سان لاڳاپيل جهازن کانسواءِ باقي سمورن بحري جهازن لاءِ کليل آهي. علي موسوي چيو ته جيڪڏهن ڪو به جهاز هن اهم آبي لنگهه تان گذرڻ چاهي ٿو ته هو تهران سان حفاظتي انتظامن بابت رابطو ڪري سگهي ٿو. ايراني نمائندي وڌيڪ چيو ته ايران هميشه سفارتڪاري کي اوليت ڏني آهي، پر خطي ۾ امن لاءِ جارحيت جو خاتمو ۽ اعتماد جي بحالي انتهائي ضروري آهي. هن الزام هنيو ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا ئي آبنائي هرمز جي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال جو بنيادي سبب آهن. ايران جي پاسدارانِ انقلاب اها سخت ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پاور پلانٽس تي حملو ٿيو ته آبنائي هرمز کي تيسين مڪمل طور بند رکيو ويندو جيسين اهي پلانٽس ٻيهر تعمير نه ٿيندا. هوڏانهن اڻ سڌي طرح قطر ۽ مصر ذريعي رابطن جون خبرون پڻ سامهون آيون آهن، پر ميداني صورتحال وڌيڪ بگڙجندي نظر اچي رهي آهي. هوڏانهن ايران هندي سمنڊ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل فوجي اڏي ڊياگو گارشيا تي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. هڪ اعليٰ ايراني عهديدار واضح ڪيو آهي ته ايران اهڙي ڪنهن به ڪارروائي ۾ ملوث ناهي، ڇاڪاڻ ته ڊياگو گارشيا ايراني سرزمين کان 4 هزار ڪلوميٽر پري واقع آهي. اها ترديد آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي ان دعويٰ کانپوءِ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايران پاران وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ٻه بيلسٽڪ ميزائل ان اڏي ڏانهن فائر ڪيا ويا هئا، جيڪي پنهنجي نشاني تي لڳي نه سگهيا. ٻئي طرف، اسرائيلي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير دعويٰ ڪئي آهي ته هن حملي ۾ 4 هزار ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ بين الاقوامي ميزائل استعمال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايراني ميزائلن جي پهچ هاڻي يورپ جي شهرن برلن، پيرس ۽ روم تائين ٿي وئي آهي، جيڪو هڪ وڏو خطرو آهي. پينٽاگون هينئر تائين هن معاملي تي ڪو به باضابطه ردعمل ظاهر ناهي ڪيو.