اسلام آباد (بيورو) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر اچڻ جي شهادت ناهي ملي، تنهنڪري جمعي تي (اڄ) 30 هون روزو هوندو ۽ عيد الفطر (سڀاڻي) 21 مارچ 2026، ڇنڇر جي ڏينهن ملهائي ويندي. شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرن سان گڏوگڏ موسمييات کاتي ۽ اسپارڪو جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اسلام آباد کانسواءِ چئين صوبائي گاديءَ جي هنڌن تي زونل ڪميٽين جا اجلاس پڻ ٿيا، پر ملڪ جي ڪنهن به حصي مان چنڊ نظر اچڻ جو اطلاع نه مليو. مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته رمضان 1447 هجري جا 30 روزا پورا ڪيا ويندا ۽ قوم عيد الفطر ڇنڇر تي ملهائيندي.