ڪراچي ۾ ڦر دوران فائرنگ، دڪاندار هٿان هڪ ڦورو مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران فائرنگ، دڪاندار هٿان هڪ ڦورو مارجي ويو، بلديه دائود ڳوٺ ۾ پرچون جي دڪان تي ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا، رپورٽ موجب سعيد آباد ٿاڻي جي حد ۾ 4 ڦورا دڪان ۾ ڦر لاءِ داخل ٿيا، دڪاندار حسنين وٽ به هٿيار موجود هو جنهن مزاحمت ڪندي فائرنگ ڪئي، ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو جڏهن ته باقي جوابي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، ايس ايڇ او پرويز سولنگي موجب مارجي ويل ڦوري جي سڃاڻپ فوري طور نه ٿي سگهي، سندس قبضي مان هٿيار ۽ 2 موبائل فون هٿ ڪيا ويا، ٻئي طرف گلشن معمار جي علائقي گبول ڳوٺ بلال مسجد ڀرسان 4 ڦورا ڦر ۾ مصروف هئا ته شهرين کين گهيري ورتو، شهرين ٻن ڦورن کي پڪڙي ورتو جڏهن ته ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مبينا طور مشتعل شهرين جي تشدد ۽ فائرنگ ۾ ٻه ڦورو زخمي ٿي پيا،  پوليس زخمين کي چهيپا ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو جتي هڪ ڦورو علاج دوران فوت ٿي ويو، فوت ٿيل ڦوري جي سڃاڻپ 25 ورهين جي اويس ولد ظفر ۽ زخمي جي سڃاڻپ فراز علي ولد حاڪم علي طور ٿي، ڦورن جي قبضي مان 30 بور پسٽل، 2 موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي  ايس ايڇ او اسرار خان آفريدي موجب ڦورا برائلر مرغي جي سپلائر کي هٿيارن جي زور تي ڦري رهيا هئا ته ماڻهن شور تي کين پڪڙي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.