پيپلزپارٽي جي خراب ڪارڪردگي سنڌ کي تباهه ڪيو آهي:ڪاشف سعيد

سکر(رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته بي آءِ ايس سي پروگرام توڙي کير وارن جانورن جي ورھائڻ سان نه پر حڪومتي گوڊ گورننس ڪرپشن جي خاتمي ۽ عدل انصاف واري اسلامي نظام جي قيام سان ئي غربت جو خاتمو، سنڌ ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، سنڌ ۾ 18سالن کان لاڳيتو پ پ جي حڪومت آھي پر ڪرپشن، جيالا نوازي ۽ خراب ڪارڪردگيءَ ڪري عوام ۽ سنڌ جا حال ھيڻا ۽ سور ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن، پ پ سکر ضلعي سميت سڄي سنڌ ھڪ يوسي يا تعلقو ماڊل طور پيش نٿي ڪري سگھي جنھن ۾ عوام کي صاف پاڻي تعليم سميت زندگيءَ جون مڪمل سهولتون فراهم ھجن، اھڙن خيالن جو اظھار ھن سکر ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو، ڪاشف سعيد وڌيڪ چيو ته اسلام امن اخوت ۽ سلامتيءَ جو دين آھي، غزا کان ڪشمير تائين مسلمانن جو رت پاڻي وانگر وھايو پيو وڃي ان باوجود اسلام مسلمانن کي بدنام ۽ اسلامو فوبيا جي نالي تي مسلمانن سان تعصب وارو رويو رکيو پيو وڃي، اپيٽينس فائلز ۾ٽرمپ سميت جانورن ۽ پکين جي حقن جي دعويدارن جي جنسي درندگي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، دنيا ۾ جنگيون ختم ڪرڻ جي دعويدار ٽرمپ بلاجواز ايران تي حملو ۽ غزا ۾ انسانيت جو قتل عام ڪرائي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ جي طرف ڌڪي ڇڏيو، ٻين ملڪن کان مدد جي اپيل ٽرمپ جي ناڪامي آھي، اھو قدرت جو قانون آهي ته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو آھي اھو سڀ کان پھرين پاڻ ان ۾ ڪرندو آھي. سموري مسلمان امت غزا ۽ ايران جي مظلومن سان گڏ بيٺل آھي پر بدقسمتيءَ سان مفاد پرست مسلمان حڪمران شيطان جي پوڄارين ٽرمپ ۽ ياھو سان گڏ آھي جنھن کي تاريخ ۽ امت معاف نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.