مسلم ليگ (ن) جي ڪراچي سان تعلق رکندڙ سينئر اڳواڻ نهال هاشمي کي ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪامران ٽيسوريءَ کي هٽائي سندس جڳهه تي نئون گورنر مقرر ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪامران ٽيسوري کي تڏهن سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو جڏهن پي ٽي آءِ جي عمران خان کي تحريڪ عدم اعتماد ذريعي وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو هو ۽ ان صورت ۾ پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت ٺهي هئي. تڏهن جيئن ته ايم ڪيو ايم به پي ڊي ايم حڪومت ۾ اتحادي هئي تنهن ڪري سنڌ جي گورنر شپ ان جي حصي ۾ آئي هئي. پوءِ وري جڏهن 2024 جي چونڊن ذريعي مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ملي ته ان پي ڊي ايم وارن اتحادين کي برقرار رکيو ۽ ڪامران ٽيسوري کي به گورنر جي عهدي تي برقرار رکيو. پر ڏٺو اهو ويو ته گورنر ڪامران ٽيسوريءَ پنهنجي عهدي کي آئيني طور نڀائڻ کان وڌيڪ ان کي ايم ڪيو ايم جي مفادن ۾ استعمال ڪيو ۽ اهو تڏهن باقاعدي تڪراري گورنر طور بحث هيٺ اچڻ لڳو جڏهن هو سنڌ جي پ پ حڪومت جي ٽڪراءُ ۾ آيو ۽ ان خلاف سياست ڪرڻ لڳو ۽ وڌيڪ تڪراري هو تڏهن بڻيو جڏهن هن ڪراچيءَ کي صوبو بڻائڻ يا ان کي وفاق حوالي ڪرڻ واري ايم ڪيو ايم جي مهم جو حصو بڻيو. جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڏي وزير ۽ ٻين وزيرن سنڌ اسيمبليءَ جي پليٽ فارم تان ۽ ٻين جڳهن تي ڪامران ٽيسوريءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. عام تاثر اهو آهي ته سنڌ حڪومت جي شڪايت تي آخر مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کيس هٽايو آهي.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ان عمل تي شديد احتجاج ڪيو ۽ ڪجهه پارٽي اڳواڻن اهو موقف رکيو ته ايم ڪيو ايم کي هاڻي حڪومتي اتحاد مان نڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم کي اهو به اعتراض آهي ته ڪامران ٽيسوريءَ کي هٽائڻ جي معاملي ۾ اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو. جڏهن ته وفاقي حڪومت جي وزيرن جو چوڻ آهي ته اهو شروع کان ئي طئي هو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪڏهن به سنڌ ۾ پنهنجي پارٽي جي ماڻهوءَ کي گورنر بڻائي سگهي ٿي. پوءِ جڏهن ان ڏٺو ته سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ حڪومت جا لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن ته انهن اها ضرورت محسوس ڪئي ته هاڻي گورنر تبديل ڪري سگهجي ٿو جنهن فيصلي جي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقي پڻ آجيان ڪئي. اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت جو اهو حق هو ته اها سنڌ ۾ پنهنجي جماعت سان تعلق رکندڙ اڳواڻ کي گورنر بڻائي جنهن جو خود پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سياسي طور به فائدو ٿيڻو هو. اندروني طور يقينن مسلم ليگ (ن) سنڌ جا سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به سرها ٿيا هوندا.
جيستائين نهال هاشمي جي گورنر ٿيڻ جو معاملو آهي ته سندس مقرري کي سڀني حلقن سندس حق ڄاڻايو آهي ته هو مسلم ليگ (ن) جو پراڻو اڳواڻ آهي جيڪو مڊل ڪلاس سان واسطو رکي ٿو. اها به تمام سٺي ڳالهه ٿي ته نهال هاشميءَ گورنر جو عهدو سنڀالڻ شرط تمام مثبت ۽ واکاڻ جوڳو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، خاص طور تي هن پاڻ کي سنڌ جو گورنر قرار ڏئي سنڌي قوم جون دليون کٽي ورتيون آهن. هو. ڪامران ٽيسوريءَ وانگر صرف ڪراچي شهر جو پاڻ کي گورنر نه ٿو سمجهي. هو پاڻ کي نه صرف سنڌ جو گورنر جو سمجهي ٿو پر سنڌ جي گورنر طور سنڌ جي عوام سان خير سگالي طور سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڳالهائي ٿو. جنهن جو مقصد ۽ پيغام اهو آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان گورنر طور جڙڻ چاهي ٿو. جنهن تي سنڌي عوام به ڪافي مطمئن نظر اچي ٿو.
نهال هاشميءَ جي ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هن اچڻ شرط حڪومت سان به سٺن لاڳاپن جي شروعات ڪئي آهي. هو چئي ٿو ته سنڌ حڪومت جي سٺن ڪمن کي پذيرائي ڏياريندو ۽ ايئن هو سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن واري پل جو ڪردار ادا ڪندو. ان حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي پ پ سان تعلق رکندڙ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي گورنر نهال هاشمي سان گورنر هائوس ۾ ٿيل ملاقات آهي. ميئر ڪراچي نه رڳو نهال هاشمي کي گورنر ٿيڻ جي مبارڪ ڏني پر ملاقات دوران ڪراچي جي ترقياتي منصوبن، مڪاني حڪومتي معاملن، شهر جي مسئلن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وفاقي حڪومت جي تحت جاري ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان ۽ وقت تي مڪمل ڪرڻ جو عزم ورجايو.
گورنر نهال هاشميءَ عهدو سنڀالڻ شرط اهو به خوب چيو هو ته هو ”آئيني گورنر“ آهي يعني آئين ۾ جيڪي سندس ذميواريون آهن تن کي ئي هو اوليت سمجهي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن آئين جو حلف کڻندڙ هر شخص ان لائين تي ڪم ڪري ته يقينن اهو درست رخ ۾ ئي ڪم ڪندو. اسان نهال هاشمي جي ان بيان جي به آجيان ڪريون ٿا.
آخر ۾ اهو چونداسين ته ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪامران ٽيسوري به سنڌ جي گورنر طور اهڙو هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي پيو، ۽ هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سٺن لاڳاپن واري پل جو ڪردار ادا ڪري پيو سگهي پر هن شروع کان ئي ”ڌُريان ئي ڌار، مٽ مُئي جا نه ٿيا“ وارو ورتاءُ رکيو. نه رڳو پ پ جي سنڌ حڪومت سان پر هن سنڌي قوم سان به ڪا ڀائپيءَ جي تاريخي وک نه کڻي سگهيو. جيڪا کيس سنڌ جو هر دلعزيز گورنر طور ياد رکي ها پر افسوس ته هن پاڻ کي صرف ڪراچي شهر ۽ ايم ڪيو ايم تائين محدود ڪري پاڻ ئي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻي ڇڏي پر نهال هاشمي جيئن ته ڪامران ٽيسوري جي ان پس منظر کان واقف آهي تنهن ڪري هن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفاد وارو رستو اختيار ڪيو آهي.
اميد ته گورنر نهال هاشمي ان رستي تي اٽل رهندو ۽ ايئن ئي سنڌ سان ڀائپيءَ وارو رشتو قائم رکي ڪري پاڻ کي سنڌ جو هر دلعزيز گورنر بڻائڻ جي تاريخ ٺاهيندو ۽ گڏوگڏ ايم ڪيو ايم لاءِ اهو سبق بڻجي سگهي ٿو ته سنڌ سان سنڌ واسي ۽ گورنر طور هيئن هلبو آهي يا هيئن هلڻ گهرجي.