پشاور(ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جي موقعي تي 3 ڏينهن موڪلون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سرڪاري ملازمن کي لڳاتار 5 موڪلون ملڻ جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا حڪومت عيدالفطر 2026 لاءِ سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب 19، 20 ۽ 21 مارچ تي موڪل هوندي.
انهن ڏينهن دوران سموريون سرڪاري آفيسون بند رهنديون، جڏهن ته ضروري عملو پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان اڳواٽ ئي وفاقي ملازمن لاءِ 20 ۽ 21 مارچ جون موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته هاڻي آچر (22 مارچ) جي هفتيوار موڪل ۽ 23 مارچ (يومِ پاڪستان) جي عام موڪل سبب سرڪاري ملازمن کي لڳاتار 5 موڪلون ملڻ جو امڪان آهي.
You might also like